ماحولياتي بحاليءَ وارو گروهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ماحولياتي بحاليءَ وارو گروھ يا اينوارونمينٽل انٽيگرٽي گروپ (انگريزي ٻولي: EIG, Environmental Integrity Group) سن 2000ع ۾ قائم ٿيل هڪ ننڍو غير روايتي گروپ آهي، جيڪو هاڪاري ماحولياتي تبديليءَ جي ڳالهه ٻولهه لاءِ قائم ٿيو، جنهن ۾ ميڪسيڪو، ڏکڻ ڪوريا ۽ سئٽزرلينڊ شامل آهن، انهيءَ گروپ ۾ ٻيا ڪيترائي غير جانبدار ماحولياتي بحالي گهرندڙ ملڪ به شامل آهن. گروپ سان لاڳاپيل انهن ملڪن جو مقصد ماحولياتي بچاءَ واري جاکوڙ کي قائم رکڻ ۽ دنيا ۾ وڌندڙ گدلاڻ کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺڻ آهي. هن گروپ جڳ مشهور ماحولياتي قاعدي ’ڪيوٽو پروٽڪال‘ ۾ پاڻ کي جائتو نه سمجهندي، ان کان ٻاهر نڪري سهڪار پيدا ڪيو. ان گروپ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار سئٽزرلئنڊ جو آهي ۽ اهو ئي ان جي اڳواڻي ڪري ٿو. ٽنهي ملڪن جا ماحولياتي تبديليءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ پنهنجي منهن پاليسيون جوڙڻ ۽ اُپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪيو .[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد