پاليسي
پاليسي، جنهن کي حڪمت عملي يا رهنما اصول پڻ چيو ويندو آهي، ڪنهن به رياست يا ڌُر طرفان اڳواٽ ڳڻ ڳوت ۽ سياسي ڏاهپ تحت طئي ٿيل ضابطا، قانون يا ورتاءَ هوندا آهن، جيڪي ڪنهن به ٻي ڌُر سان لاڳاپي ۾ اچڻ تي اختيار ڪيا وڃن ٿا.[1]
پاليسي اصل ۾ ڪنهن به فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ جو طريقو آهي، جيڪو فيصلا ڪرڻ ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ لاڳاپيل ڌُر کي بنيادي ڍانچو مهيا ڪري ٿو. ڪا به پاليسي طئي ڪرڻ لاءِ تجويزن، صلاحن ۽ موجود اطلاعن جو تجزيو ضروري هوندو آهي.
عام طرح، پاليسي ڪنهن اداري جي اعليٰ اختيار واري فورم، ڪابينا، يا حڪومت جي اهم پاليسي ساز ادارن پاران لاڳو ڪئي ويندي آهي. پاليسي ذريعي ڪنهن به فورم جو بنيادي مقصد، منشور يا خاڪو واضح ڪيو ويندو آهي، ۽ هر لاڳاپيل ڌر پنهنجي پاليسي لاءِ ذميوار هوندي آهي.[1]
خصوصيتون
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- پاليسي هميشه اڳواٽ طئي ٿيل هوندي آهي.
- پاليسي هڪ طئي ٿيل رهنما اصول جي صورت ۾ لاڳو ڪئي ويندي آهي.
- پاليسي جي عملدرآمد ۾ ادارتي فورم ۽ مشاورتي ادارن جو اهم ڪردار هوندو آهي.
استعمال
[سنواريو | ذريعو سنواريو]پاليسي جي تصور جو استعمال مختلف شعبن ۾ ٿيندو آهي، جيئن:
- بين الاقوامي لاڳاپا ۽ سفارتڪاري
- حڪومت جي حڪمت عملي ۽ قومي پاليسيون
- تعليمي ادارن ۽ ڪاروباري ادارن ۾ حڪمت عملي جي تعمير
- سماجي ۽ معاشي منصوبابندي