فراريت
ڏيک
فراريت يا فراري ذهنيت (Escapism) زندگي لاهن چاڙهن، ڏکن ۽ خوشين جو سنگم آهي، ادب ۾ حقيقي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن بجاءِ خيالي دنيا ۾ رنگين دنيا ٺاهي رهڻ جو نالو “فراريت” آهي. مطلب تہ حقيقي زندگيءَ جي بجاءِ خيالن جي دنيا ۾ رهڻ واري کي ’فراري ذهنيت وار اديب‘ چيو ويندو آهي. ڪي ماڻهو مذهب ۾ تہ ڪي نشي جي مستيءَ ۾ فرار ڳوليندا آهن، ان ڪري ادب ۾ تخليق ڪيل ڪردارن ۾ بہ اهڙو لاڙو ملندو آهي. جان ڪيٽس (1795-1821ع) لاءِ مشھور هو تہ هو فراريت جو شاعر هو. خودڪشيءَ جي خواهش، موت جي تمنا، زندگيءَ جي ڏکن مان تنگ اچي شراب جي نشي ۾ پناھ وٺڻ، دنيا کان لاتعلق ٿيڻ وغيره فراري ذهنيت جون مختلف صورتون آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.