علمِ فلڪيات
سيٽلائيٽ نيويگيٽر ايجاد ٿيڻ کان پھرين سامونڊي جھازن جا جھازي آسماني تارن کان مدد وٺندا هئا يعني انهن جي جوڙجڪ کي ڏسي ڀٽڪيل راھ تان صحيح منزل وٺندا هئا. اڄ به سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ جھازي Sextant (دوربين) ذريعي الطائر، رجل الجبار، ذنب الدجاجة، اڇرنار تاري (جنهن جو اصل نالو عربي جو لفظ آخر النهر آهي) جهڙن گهڻو روشن ۽ آسمان ۾ اهم هنڌن تي هجڻ وارن تارن کي نظر ۾ رکي، جهازن کي صحيح دڳ تي آڻين ٿا.
مٿي ٻڌايل ۽ ٻيا ڪيترائي تارا ۽ انهن موجب رستا ڳولڻ ۾ عربن جو وڏو حصو آهي. ان ڪري انهن جا عربي نالا آهن، جن مان ڪجهه نالا وقت سان گڏ ٿورو گهڻو بدلبا رهيا آهن، جيئن ته Celbalrai تارو (ڪلب الراعي معنيٰ ريڍار جو ڪتو)، Heka تارو (الهقعة معنيٰ اڇو نشان)، Jabbah تارو (جيهة معنيٰ نرڙ- وڇونءَ جو نرڙ)، Kitalpha تارو (اصل عربي لفظ قطعة الفرس معنيٰ گهوڙي جو حصو)، Okda تارو (عقدة معنيٰ ڳنڍ)، Rasalased تارو (عربي لفظ راس الاسد معنيٰ شينهن جو مٿو)، Salafat (سلحفاة معنيٰ ڪڇون)، آسمان جو اهم ۽ روشن تارو Vega (عربي نالو النسر الواقع معنيٰ جُهڪيل عقاب)، Unukallsi (عنق الحية معنيٰ نانگ جي ڳچي)، وغيره آهن.
عربَ، علمِ فلڪيات (انگريزي ٻولي: Astronomy) جا ماهرهئا. عربستان جو وڏو حصو واري ۽ ريتي آهي، جتي هوا جي جهوٽي سان پيچرا ڊهيو وڃن، تنهنڪري اهڙن بيابانن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ عربَ تارن جي بيهڪ مان مدد وٺندا هئا ته اوڀر ڪهڙي پاسي آهي ۽ اتر يا ڏکڻ ڪهڙي پاسي آهن. عربستان ۾ سال جو وڏو حصو آسمان صاف هجڻ ڪري تارا چٽيءَ طرح نظر اچن ٿا. ان ڪري عرب تارن جي ڄاڻ ۽ چرپر کان گهڻو واقف هئا. ڪيترن ئي عربن ڏوراهن تارن جي ڳولا ڪئي ۽ انهن جي جانچ لاءِ مختلف قسم جون دوربينيون ايجاد ڪيون ۽ انهن جي چرپر جو حساب رکڻ لاءِ لاءِ انگي حسابن ۽ ٽرگنامينٽري جون جدولون ايجاد ڪيون. عربن جا تجربا، عربن جا لکيل ڪتاب ۽ مشاهدا اڄ به دنيا جا جهازي، جاگرافر ۽ ماهر فلڪيات استعمال ڪن ٿا. [1]
علم جوتش، اسٽرونامي يا علم فلڪيات موجب آسمان تي موجود تارن يا تارن جي ميڙن (ڪهڪشائن) مان جيڪي ڌرتيءَ کي ويجها آهن ۽ انهن جي ڪشش ثقل ۽ روشني جي شعائن جا اثر زمين تي موجود ماحول تي پڻ پون ٿا. جنهن سبب ڌرتي جي موسمن تي اثر پوي ٿو. انهن تارن يا تارن جي ميڙ کي هندي ۾ نکشتر ، انگريزي ۾ گليڪسي، عربي ۾ برج يا ساعت ۽ سنڌي ۾ نکٽ چيو وڃي ٿو . نکٽن ۽ سنبت وڪرمي سال جي لاڳاپي بابت علم نجوم اسٽرونامي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ، سنبت وڪرمي سال جي هر تاريخ تي روزانو هڪ ڌار نکٽ ( تارن جو ميڙ ) جو ڌرتي تي اثر پوي ٿو، جڏهن ته هر مهيني جي موسم تي هڪ نکٽ ( تارن جو ميڙ ) جي لاڳيتا 14 ڏينهن اثر هلي ٿو. انهي حساب سان هر مهيني جي موسم تي ٻن يا ٽن نکٽن جي روشني جي شعاعن ، ڪشش ثقل جو زميني ماحول تي اثر ٿئي ٿو . باقي ٽن نکٽن ( تارن جي ميڙ ) جا اثر ڌرتي تي ڪڏهن ڪڏهن ٻين نکٽن سان گڏ ٿين ٿا. اهي منفرد نکٽ ( تارن جا ميڙ ) اڀچت ، اترا پادريدا ۽ ريوتي آهن . اهڙا ڌرتي تي اثر رکندڙ نکٽ هاڻي جي جديد تحقيق موجب لکن جي تعداد ۾ ٿي سگهن ٿا. پر قديم تحقيق ۽ ويدن موجب 28 نکٽ (تارن جا ميڙ ) هن ڪائنات ۾ موجود آهن. جن جا اثر سنبت وڪرمي سال جي مهينن ۽ تاريخن تي ٿين ٿا. انهن جا نالا هي آهن.[2]
- 1. اشوني
- 2 . ڀرڻي
- 3. ڪارتڪ
- 4. روهڻي (روهڻ)
- 5. مرگشر(مرگهسر)
- 6. آردرا ( آڊ )
- 7. پنروسو
- 8. پشيه
- 9. آشيليشا
- 10. مگها
- 11. پورواڦالگني
- 12 . اتراڦالگني
- 13. هست
- 14. چترا
- 15.سواتي
- 16. وشاکا
- 17. انوراڌا
- 18. جيشٺا
- 19. مول
- 20. پورواشاڍا
- 21.اتراشاڍا
- 22. اڀچت
- 23. شروڻ
- 24. ڌنشٺا
- 25.ستڀشا ( شتتارڪا )
- 26. پورواڀا درپدا
- 27. اترڀادرپدا
- 28.ريوتي
حوالا
[سنواريو]- ↑ چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-02
- ↑ ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس (مشڪور ڦلڪارو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-22