ظرف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ظرف (Adverb) ظرف معني ٿانو يا ماپو آهي. اھو لفظ آھي جو فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لڳي ان مان وقت، جاءِ، اقرار، انڪار ۽ ريت يا قدر جي معنيٰ ڏيکاري تنھن کي ظرف چئجي.[1]

ظرف تميز: اهڙا لفظ، جن مان ريت، قدر ۽ انداز جي معنيٰ نڪري، تن کي ظرف تميز چئجي ٿو. مثال طور: آهستي، تيز، بار بار، اتفاقاً، گهڻي قدر، جيئن جيئن وغيره.
ظرف زمان (Adverb of Time): اهڙا لفظ، جيڪي وقت جي معنيٰ يا مفهوم ظاهر ڪن ٿا، انهن کي ”ظرف زمان“ چئجي ٿو. مثال: اڄ، سڀاڻي، ڪالهه، پريهن وغيره.
ظرف مڪان (Adverb of Place): اهڙا لفظ، جيڪي هنڌ، جاءِ، وقوع جي معنيٰ يا مفهوم نڪري، تنهن کي ”ظرف مڪان“ چئجي ٿو. مثال طور: هيٺ، مٿي، اندر، ٻاهر، هتي، هُتي، هيڏانهن، ڪيڏانهن وغيره.
ظرف نفي: اهڙا لفظ، جن مان انڪار جي معنيٰ نڪري، تن کي ”ظرف نفي“ چئجي ٿو. مثال طور: نه، ڪونه، ڪين، نڪي، متان وغيره.

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.