صحتمند ماحول جو انساني حق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صحتمند ماحول جو حق
وڪيپيڊيا جو انساني حقن بابت مضمون نويسيءَ جو مقابلو (2022): صحتمند ماحول جو حق
ھن غريب ٻار کي صحتمند ماحول ڪير ڏيندو؟
صاف ماحول ۾ ساھ کڻڻ انسان جو حق آھي

صحتمند ماحول جو حق (انگريزي: Right to Healthy Environment) يا پائيدار ۽ صحتمند ماحول جو حق انساني حقن جي تنظيمن ۽ ماحولياتي تنظيمن پاران ھڪ انساني حق قرار ڏنو ويو آھي.[1]،[2] صحتمند ماحول انساني صحت کي بھتر بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.[3] ھن حق کي گڏيل قومي جي عالمي اداري جي انساني حقن واري ڪائونسل (United Nations Human Rights Council) آڪٽوبر 2021ع ۾ ڪوٺايل پنھنجي 48ھين اجلاس ۾ تسليم ڪيو.[4]

ھي حق انھن انساني حقن مان ھڪ آھي جيڪي انساني صحت سان واسطو رکن ٿا، مثال طور پاڻيءَ ۽ صفائيءَ جو حق (Water and Saniatation Right)، کاڌي جو حق ۽ صحت جو حق.[5] ماحول انسان جي جسماني ۽ ذھني صحت تي پنھنجا اڻمٽ نشان ڇڏي ٿو. سٺو ماحول انسان جي صحت تي سٺا اثر ڇڏي سگھي ٿو. گندو ماحول نہ فقط انسان جي صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي بلڪ انسان جي سوچ ۽ شخصيت کي بہ گندو ڪري سگھي ٿو.

صحتمند ماحول جو حق ماحول جي حفاظت لاءِ قاعدن قانونن سان واسطو نٿو رکي . ھن حق جو بنيادي مقصد آھي تہ ماحول جا انساني زندگيءَ تي ڪھڙا اگرا اثر پئجي سگھن ٿا. ھي حق سان کي اھو بہ سيکاري ٿو تہ اسان پنھنجي آسپاس جي قدرتي ماحول کي بھتر بنائي صحتمند ماحول جو بنياد رکي سگھون ٿا.

رياست جو ڪردار[سنواريو]

ھر رياست ۽ آزاد ملڪ جي سرڪار لاءِ لازمي آھي تہ ھو پنھنجي ملڪ ۾ ماحول جي حفاظت لاءَ قاعدا قانون ٺاھي ۽ انھن تي عمل بہ ڪرائي. انھيءَ سان گڏ ماحول جي گدلاڻ کي گھٽائڻ لاءِ بہ جوڳا اپاءَ وٺي. ماحول جي گدلاڻ ۽ ٻين ماحولياتي مسئلن جي ڪري جيڪڏھن ڪنھن علائقي يا گروھ کي نقصان پھتو آھي تہ ان جو سدباب ٿيڻ گھرجي ۽ متاثر ٿيل علائقي جي ماڻھن سان انصاف ٿيڻ گھرجي. صحتمند ماحول جو حق ھر ملڪ کي موسمياتي ڦيرگير ۽ ٻين ماحولياتي مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ قانون ٺاھڻ جو پابند بنائي ٿو.

عالمي ڪوششون[سنواريو]

تاريخي طور تي اقوام متحدہ پاران انساني حقن بابت ڪيترائي اھم پڌرناما يا ٺھراءُ جاري ڪيا ويا آھن. انھن ۾ انساني حقن جو عالمي پڌرنامو ( Universal Declaration on Human Rights)، شھري ۽ سياسي حقن جو عالمي ٺھراءُ International) Covenant on Civil and Political Rights) ۽ معاشي، معاشرتي ۽ ثقافتي حقن جو عھدنامو (International Covenant on Economic, Social and Cultural Rights) شامل آھن. ھنن پڌرنامن ۾ ڪٿي بہ صحتمند ماحول جي حق جي ڳالہ نہ ڪئي وئي آھي.[6] 1972ع ۾ سوئيڊن جي شھر اسٽاڪھوم مان جاري ڪيل اعلان ( 1972 Stockholm Declaration) ۾ ھن حق کي تسليم ڪيو ويو پر رياستن تي انھيءَ حق تي لازمي عمل ڪرائڻ جي جوابداري نہ وڌي وئي. 1992ع واري ماحول ۽ ترقيءَ بابت جاري ڪيل پڌرنامي (Rio Declaration of Environment and Developemnt) ۾ جيتوڻيڪ انساني حقن جي ڳالہ نہ ڪئي وئي آھي پر اھو چيو ويو آھي تہ ماڻھن کي ماحول سان لاڳاپيل معاملن بابت آگاھي ڏني وڃي ۽ کين انھن معاملن بابت ٿيندڙ فيصلن ۾ شريڪ ڪيو وڃي.[7] 2017ع ۾ ماحول بابت ٿيل عالمي عھدنامي ( Global Pact for the Environment) ۾ صحتمند ماحول جو حق شامل ڪيو ويو آھي. گڏيل قومن واري اداري پاران جي شايد پھريون عھدنامو آھي جنھن ۾ صحتمند ماحول جو حق شامل ڪيو ويو آھي.[8]

دنيا جي 150 کان وڌيڪ ملڪن انفرادي طور صحتمند ماحول جي حق کي ڪنھن نہ ڪنھن صورت ۾ پنھنجي آئين ۽ قانونسازيءَ جو حصو بنايو آھي.[4] دنيا جي جن وڏن ادارن ۽ تنظيمن صحت مند ماحول جي حق کي مڃيو آھي تن ۾ انساني حقن جو آفريقي چارٽر (African Charter on Human and Peoples' Rights)، انساني حقن جو آمريڪي ڪنوينشن (American Convention on Human Rights)، اسڪازو رضانامو (Escazú Agreement)، انساني حقن جو عرب عھدنامو (Arab Charter on Human Rights) ۽ ڏکڻ اوڀرجي ايشيائي قومن جو انساني حقن بابت پڌرنامو (ASEAN Declaration on Human Rights) شامل آھن.[3]،[9]،[10]

انسانن حقن ۽ ماحول بابت اقوام متحدہ جي ّخصوصي ماھرن جان ايڇ ناڪس (John H. Knox) ۽ ڊيوڊ آر بئائڊ (David R Boyd) صحتمند ماحول جي حق کي بين الاقوامي قانون جو حصو بنائڻ لاءِ پنھنجون تجويزون ڏنيون آھن جن جي دنيا جي ڪيترن کي قانوني ادارن پٺڀرائي ڪئي آھي.[4]

گڏيل قومن جي اداري جو ٺھراءُ[سنواريو]

2021ع ۾ ڪوٺايل گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 48 اجلاس ۾ ھڪ ٺھراءُ منظور ٿيو جنھن ۾ صاف، صحتمند ۽ جٽادار ماحول کي پھريون ڀيرو انساني حق طور تسليم ڪيو ويو.[11]

نتيجا[سنواريو]

صحتمند ماحول جي حق کي آئيني ۽ بين الاقوامي تحفظ ڏيڻ جا ڪھڙا نتيجا نڪرندا اھو تہ ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو. اقوام متحدہ جي خصوصي ايلچي جان ناڪس جي خيال ۾ ھن حق کي انساني حق تسليم ڪرڻ ۽ ان کي قانون ۽ آئين جو حصو بنائڻ سان ماحول جي بھتريءَ جي ڪوششن کي وڏي ھٿي ملندي. ٿي سگھيٿو تہ گڏيل قومن جو ادارو اھڙا بين الاقوامي قانون ٺاھڻ ۾ ڪابياب ٿي وڃي جن سان ماحول کي بھتر بنائڻ ھر ملڪ جي لازمي جوابداري ٿي وڃي.

حوالا[سنواريو]

  1. "The Case for a Right to a Healthy Environment". Human Rights Watch. حاصل ڪيل 2022-04-21. 
  2. "The Time is Now for the UN to Formally Recognize the Right to a Healthy and Sustainable Environment". Center for International Environmental Law. حاصل ڪيل 2022-04-21. 
  3. 3.0 3.1 Knox, John H. (2020-10-13). "Constructing the Human Right to a Healthy Environment". Annual Review of Law and Social Science 16 (1): 79–95. doi:10.1146/annurev-lawsocsci-031720-074856. ISSN 1550-3585. http://dx.doi.org/10.1146/annurev-lawsocsci-031720-074856. 
  4. 4.0 4.1 4.2 https://www.ohchr.org/en/2021/10/bachelet-hails-landmark-recognition-having-healthy-environment-human-right?LangID=E&NewsID=27635
  5. https://www.ohchr.org/en/special-procedures/sr-environment/good-practices-right-healthy-environment
  6. Knox, John H. (2020-10-13). "Constructing the Human Right to a Healthy Environment". Annual Review of Law and Social Science 16 (1): 79–95. doi:10.1146/annurev-lawsocsci-031720-074856. ISSN 1550-3585. https://www.annualreviews.org/doi/10.1146/annurev-lawsocsci-031720-074856. 
  7. Environment, U. N. "Principle 10". UNEP - UN Environment Programme. حاصل ڪيل 2022-04-22. 
  8. Knox, John H. (2019-04). "The Global Pact for the Environment: At the crossroads of human rights and the environment" (en ۾). Review of European, Comparative & International Environmental Law 28 (1): 40–47. doi:10.1111/reel.12287. https://onlinelibrary.wiley.com/doi/10.1111/reel.12287. 
  9. Shelton, Dinah (2002). Human Rights, Health & Environmental Protection: Linkages in Law & Practice. Health and Human Rights Working Paper Series No 1. World Health Organization.
  10. https://repositorio.cepal.org/bitstream/handle/11362/43583/1/S1800428_en.pdf
  11. "Access to a healthy environment, declared a human right by UN rights council". UN News. حاصل ڪيل 2022-04-22.