سنياسي
ڏيک
سنياسي(A sage): ھندو فقير جي دنيا کي ترڪ ڪن ۽ پنھنجون نفساني خواھشون مارين. اھي شِوَ جا پوڄاري آھن. اڳي فقط برھمڻ چوٿين منزل ۾ سنياسي ٿيندا ھئا، ھاڻي ڪو به ٿي سگھي ٿو. اُھي اڪثر پيلا يا گيڙؤ رتل ڪپڙا ڍڪيندا آھن. اُھي شادي نه ڪندا آھن. ڪي زالون به سنياسي ٿينديون آھن. ماس يا شراب ڪم ۾ نه آڻين، ليڪن ڀنگ گھڻي پين. اڪثر پِن تي گذران ڪندا آھن.[1]دنيا کي ترڪ ڪرڻ وارو. جين ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جي اثر هيٺ جيڪي شخص دنيا کي ترڪ ڪري ويراڳ وٺندا هئا، تن کي سنياسي ڪوٺيو ويندو هو. ٻيا ڪي ساڌ سنت پڻ سنياس وٺي جهنگ منهن ڪندا هئا ۽ اتي وڃي جوڳ پچائڻ ۽ تپسيا ذريعي نرواڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. شاهه لطيف انهن جوڳين، سامين ۽ سنياسين بابت گهڻي ڄاڻ ڏني آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي