دائل ائيرن
دائل ايئرن Dáil Éireann آئرلينڊ جي اسيمبلي | |
---|---|
قسم | |
قسم | جيڪو ھيٺيون ايوان جو حصو آهي |
اڳواڻي | |
ڪن ڪوئلا (Ceann Comhairle) |
شان او فيورٽ ڪن ڪوئلا جي چونڊ، 2016 کان |
ڪيٿرئن ڪونولي، آزاد اميدوار | |
مخالفت ڌر جو اڳواڻ |
|
تيشخ جي معاملن جو وزير مملڪت |
|
ڍانچو | |
سيٽون | 160 |
چونڊون | |
سنگل ٽرانسفرئبل ووٽ | |
پويون چونڊون |
آئرش چونڊون 2020 |
ايندڙ چونڊون |
20فيبروري 2025 جي لڳ ڀڳ |
گڏجاڻيءَ جو ھنڌ | |
دائل چيمبر لينسٽر ھائوس، ڊبلن | |
ويب سائيٽ | |
oireachtas |
دائل ايئرن(انگريزي: Dáil Éireann) مختصرن دائل(انگريزي: Dáil ) (i/dɔɪl ˈɛərən/ DOYL-_-AIR-ən,[1] آئرلينڊ جي اسيمبلي آئرلينڊ جي اريڪتاس جي نالي سان پارليامينٽ جي ھيٺين ۽ مکيه ايوان جو نالو آهي. ھي ايوان آئرلينڊ جي آئين 1937ع تحت ڪم ڪندو آهي. ائيرن ايوان اريڪتاس جو ھيٺيون ايوان آھي جيڪو يونيورسل ووٽ واري بنياد تي عوام طرفان سڌي چونڊ ذريعي جڙندو آهي. ان ايوان جي رڪنن کي چونڊيندڙ ووٽر گھٽ ۾ گھٽ 18 سالن جي عمر جا ھوندا آھن. ان ايوان جي چونڊ ھر پنجن سالن بعد ٿيندي آهي. ھن ايوان جي تحليل ڪھڙي بہ وقت تيشخ جي. درخواست تي ٿي سگھي ٿي. ھن ايوان جي چونڊ ۾ متناسب نمائندگي لاء سنگل ٽرانسفرئبل ووٽ وارو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي ھن ايوان جا 160 رڪن آھن جن کي آئرش ٻولي ۾ چيختا دائلا (Teachta Dála) سڏيندا آهن جنھن جي معنيَ آهي دائل جو رڪن آهي. ھن ايوان جي اسپيڪر کي ڪن ڪوئلا چوندا آهن ڊپٽي اسپيڪر کي لئيس ڪن ڪوئلا سڏيندا آهن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Dáil". ڊڪشنري (آڪسفورڊ ليڪسيڪو) UK Dictionary. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. حاصل ڪيل 30 November 2013.