ادرڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
سنوار جو تَتُ ڪونهي
سِٽَ 12: سِٽَ 12:
==طبي فائدا==
==طبي فائدا==
ادرڪ نه رڳو سانڌاڻي ۽ ٻوڙ جي ذائقي لاءِ استعمال ڪبي آهي، پر هيءَ تمام گهڻن مرضن جي نجات لاءِ وڏي فائدي واري آهي. حڪيمن مطابق ادرڪ فالج، لقوه، بلغم، کنگهه، دم، نزلي ۽ زڪام لاءِ ته هڪ ٽِڪ آهي. باديءَ وارين ڀاڄين ۾ ادرڪ ملائڻ مفيد آهي. ادرڪ بک وڌائي ٿي ۽ رت کي صاف ڪري ٿي. هن جي تمام گهڻي استعمال سان هاضمي جي خرابي ٿيندي، سيني ۾ ساڙو ٿيندو، تيزابيت وڌندي، پيشاب ڳاڙهي رنگ جو ۽ ساڙو ڪندڙ ايندو، تنهن ڪري هن جو استعمال متوازن ڪرڻ گهرجي. [[فارسي ٻولي|فارسي]] ۽ عربيءَ ٻولين ۾ هن ٻوٽي کي ”زنجبيل“ يا .زنگبيل“ چون ٿا.<ref>[http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AF%D8%B1%DA%AA ادرڪ : (Sindhianaسنڌيانا)<!-- Bot generated title -->]</ref><ref>[https://en.wikipedia.org/wiki/Ginger Ginger - Wikipedia<!-- Bot generated title -->]</ref>

==حوالا==

==حوالا==
{{حوالا}}
{{حوالا}}

ورجاءُ بمطابق 10:32, 30 مارچ 2018ع

ادرڪ جو ٻوٽو

ادرڪ(Ginger) زنجبيل جي ٻوٽي جو پاڙ نما ٿڙ(rhizome) آهي، جيڪو دوا، مصالحي ۽ خوارڪ جي سجاوٽ جي طور لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.

تفصيل

ھي ھڪ قسم جو وکر آھي، جيڪو اصل ۾ ٻوٽي جي پاڙ آهي. هيءَ هيڊ جي ڳڙين وانگر ڳنڍين واري ٿئي ٿي. سُڪل ادرڪ کي ”سُنڍ“ چئبو آهي. اُن جي کل ميراڻ تي مائل، خاڪي رنگ جي ٿئي ٿي. ان جو ذائقو تيز ٿيندو آهي. طعام رڌڻ ۾ مصالحي طور ڪم اچي ٿي. هن کي هندستانيءَ ۾ اَدرڪ ۽ انگريزيءَ ۾ جِنجَر، پارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ زنجبل چوندا آهن. هيءَ آلي يعني تازي به ڪم ايندي آهي، ٻوڙ ۾ يا آچار يا مربي ۾ ۽ سڪي به. هيءَ سانوڻ کان ٿورو اڳڀرو، مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ پوکبي آهي. زمين تمام ڀلي هئڻ گهرجي. چريون هڪ هڪ فوٽ تي هجن ۽ ٻه يا ٽي انچ اونهيون هجن. انهن ۾ فوٽ فوٽ تي سنڍ جون ڳڙيون هڻي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏجن. جڏهن سلا نڪرن تڏهن گُڏَ ڪرڻ گهرجين ۽ جي برسات جو پاڻي گهڻو نه مليو هجين ته هٿ سان پاڻي ڏجين. جنوريءَ ۾ پاڙون نڪرڻ جهڙيون ٿينديون، سي ڪڍي چڱيءَ طرح ڌوئي رکي ڇڏجن. ٻج جي لاءِ ڳڙيون رکڻيون هجن ته جڏهن ٻُوڙا پنج ڇهه انچ وڏا ٿين تڏهن ڪڍي رکجن. سنڍ جي مربي ٺاهڻ جو چڱو رستو هي آهي: پهرين ڳڙيون باهه ۾ پوهي يا اُٻاري ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئجن. پوءِ کل لاهي صفا ڪجين. انهيءَ ۾ ٽي چار ڏينهن لڳي ويندا. سير پاڻيءَ ۾ اڌ سير کنڊ وجهي پت جوڙجي، جنهن ۾ ٻن آنن جي اڇاڻ به چڱيءَ طرح گڏي ڇڏجي. جوش ڏني کانپوءِ پت لاهي ٺارجي. پوءِ اها کڻي سنڍ جي مٿان وجهجي، جيئن منجهس ٻڏي وڃي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، وري اها پت ڪڍي نئين سر ڪاڙ هجي ۽ صاف ڪجي. جڏهن ٺري تڏهن وري انهيءَ سنڍ جي مٿان وجهجي ۽ ٽي چار ڏينهن رهڻ ڏجي. وري ٽيون ڀيرو مٿئين نموني وانگي ڪجي. وري چوٿون ڀيرو، جيسين ڪ پڪ ٿئي ته سنڍ جي هڏ ۾ پت گهڙي ويئي آهي. گرم پت وجهڻ سان سنڍ ڪومائجي خراب ٿي پوندي..[1]

استعمال

عام طور ادرڪ گرم خشڪ آهي، جنهن کي سياري جي موسم ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. هن کي گهريلو ٽوٽڪن ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. معدي جي ڪمزوري, نڙِي ۾ سور ۽ بلغم جي گهڻائيءَ ۾ هيءَ تمام گهڻي فائديمند آهي. بادي ۽ بلغم لاءِ ته هن کي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو به گهڻي مقدار ۾ واپرائيندا آهن. سياري ۾ ڪي ماڻهو هن جي چٽڻي ٺاهيندا آهن، ڪي سانڌاڻو ٺاهيندا آهن ته ڪي وري هن کي تري کاڌي طور استعمال ڪندا آهن.

طبي فائدا

ادرڪ نه رڳو سانڌاڻي ۽ ٻوڙ جي ذائقي لاءِ استعمال ڪبي آهي، پر هيءَ تمام گهڻن مرضن جي نجات لاءِ وڏي فائدي واري آهي. حڪيمن مطابق ادرڪ فالج، لقوه، بلغم، کنگهه، دم، نزلي ۽ زڪام لاءِ ته هڪ ٽِڪ آهي. باديءَ وارين ڀاڄين ۾ ادرڪ ملائڻ مفيد آهي. ادرڪ بک وڌائي ٿي ۽ رت کي صاف ڪري ٿي. هن جي تمام گهڻي استعمال سان هاضمي جي خرابي ٿيندي، سيني ۾ ساڙو ٿيندو، تيزابيت وڌندي، پيشاب ڳاڙهي رنگ جو ۽ ساڙو ڪندڙ ايندو، تنهن ڪري هن جو استعمال متوازن ڪرڻ گهرجي. فارسي ۽ عربيءَ ٻولين ۾ هن ٻوٽي کي ”زنجبيل“ يا .زنگبيل“ چون ٿا.[2][3]

حوالا

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ادرڪ : (Sindhianaسنڌيانا)
  3. Ginger - Wikipedia