ادرڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

سانچو:Speciesbox


ادرڪ جو ٻوٽو

ادرڪ(Ginger) زنجبيل جي ٻوٽي جو پاڙ نما ٿڙ(rhizome) آهي، جيڪو دوا، مصالحي ۽ خوارڪ جي سجاوٽ جي طور لاء استعمال ڪيو ويندو آهي.

ڪٽيل ادرڪ
ادرڪ جو فصل

تفصيل[سنواريو]

ھي ھڪ قسم جو وکر آھي، جيڪو اصل ۾ ٻوٽي جي پاڙ آهي. هيءَ هيڊ جي ڳڙين وانگر ڳنڍين واري ٿئي ٿي. سُڪل ادرڪ کي ”سُنڍ“ چئبو آهي. اُن جي کل ميراڻ تي مائل، خاڪي رنگ جي ٿئي ٿي. ان جو ذائقو تيز ٿيندو آهي. طعام رڌڻ ۾ مصالحي طور ڪم اچي ٿي. هن کي هندستانيءَ ۾ اَدرڪ ۽ انگريزيءَ ۾ جِنجَر، پارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ زنجبل چوندا آهن. هيءَ آلي يعني تازي به ڪم ايندي آهي، ٻوڙ ۾ يا آچار يا مربي ۾ ۽ سڪي به. هيءَ سانوڻ کان ٿورو اڳڀرو، مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ پوکبي آهي. زمين تمام ڀلي هئڻ گهرجي. چريون هڪ هڪ فوٽ تي هجن ۽ ٻه يا ٽي انچ اونهيون هجن. انهن ۾ فوٽ فوٽ تي سنڍ جون ڳڙيون هڻي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏجن. جڏهن سلا نڪرن تڏهن گُڏَ ڪرڻ گهرجين ۽ جي برسات جو پاڻي گهڻو نه مليو هجين ته هٿ سان پاڻي ڏجين. جنوريءَ ۾ پاڙون نڪرڻ جهڙيون ٿينديون، سي ڪڍي چڱيءَ طرح ڌوئي رکي ڇڏجن. ٻج جي لاءِ ڳڙيون رکڻيون هجن ته جڏهن ٻُوڙا پنج ڇهه انچ وڏا ٿين تڏهن ڪڍي رکجن. سنڍ جي مربي ٺاهڻ جو چڱو رستو هي آهي: پهرين ڳڙيون باهه ۾ پوهي يا اُٻاري ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوئجن. پوءِ کل لاهي صفا ڪجين. انهيءَ ۾ ٽي چار ڏينهن لڳي ويندا. سير پاڻيءَ ۾ اڌ سير کنڊ وجهي پت جوڙجي، جنهن ۾ ٻن آنن جي اڇاڻ به چڱيءَ طرح گڏي ڇڏجي.

Ginger crop, hills near Kalaw, Myanmar

جوش ڏني کانپوءِ پت لاهي ٺارجي. پوءِ اها کڻي سنڍ جي مٿان وجهجي، جيئن منجهس ٻڏي وڃي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ، وري اها پت ڪڍي نئين سر ڪاڙ هجي ۽ صاف ڪجي. جڏهن ٺري تڏهن وري انهيءَ سنڍ جي مٿان وجهجي ۽ ٽي چار ڏينهن رهڻ ڏجي. وري ٽيون ڀيرو مٿئين نموني وانگي ڪجي. وري چوٿون ڀيرو، جيسين ڪ پڪ ٿئي ته سنڍ جي هڏ ۾ پت گهڙي ويئي آهي. گرم پت وجهڻ سان سنڍ ڪومائجي خراب ٿي پوندي..[1]

استعمال[سنواريو]

عام طور ادرڪ گرم خشڪ آهي، جنهن کي سياري جي موسم ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. هن کي گهريلو ٽوٽڪن ۾ گهڻو استعمال ڪيو ويندو آهي. معدي جي ڪمزوري, نڙِي ۾ سور ۽ بلغم جي گهڻائيءَ ۾ هيءَ تمام گهڻي فائديمند آهي. بادي ۽ بلغم لاءِ ته هن کي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو به گهڻي مقدار ۾ واپرائيندا آهن. سياري ۾ ڪي ماڻهو هن جي چٽڻي ٺاهيندا آهن، ڪي سانڌاڻو ٺاهيندا آهن ته ڪي وري هن کي تري کاڌي طور استعمال ڪندا آهن.

طبي فائدا[سنواريو]

ادرڪ نه رڳو سانڌاڻي ۽ ٻوڙ جي ذائقي لاءِ استعمال ڪبي آهي، پر هيءَ تمام گهڻن مرضن جي نجات لاءِ وڏي فائدي واري آهي. حڪيمن مطابق ادرڪ فالج، لقوه، بلغم، کنگهه، دم، نزلي ۽ زڪام لاءِ ته هڪ ٽِڪ آهي. باديءَ وارين ڀاڄين ۾ ادرڪ ملائڻ مفيد آهي. ادرڪ بک وڌائي ٿي ۽ رت کي صاف ڪري ٿي. هن جي تمام گهڻي استعمال سان هاضمي جي خرابي ٿيندي، سيني ۾ ساڙو ٿيندو، تيزابيت وڌندي، پيشاب ڳاڙهي رنگ جو ۽ ساڙو ڪندڙ ايندو، تنهن ڪري هن جو استعمال متوازن ڪرڻ گهرجي. فارسي ۽ عربيءَ ٻولين ۾ هن ٻوٽي کي ”زنجبيل“ يا .زنگبيل“ چون ٿا.[2][3]

طب[سنواريو]

سـُـنڍ: نالا: ع. زنجبيل، يابس، ف. زنگبيل خشڪ، هه. وغيره___ سينڍي ۽ مونٺ. اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: نڙيءَ کي، ميل: ماکي، عيوض: پپريون، وزن: هڪ کان ٻه ماسا. سڃاڻپ: سڪل ادرڪ کي سنڍ چئجي ٿو، جيڪي اڇي رنگ جا هيڊ وانگي ڳنڍا ٿين ٿا. خاصيت: معدي ۽ هاضمي کي قوت ڏئي ٿي ۽ بک وڌائي ٿي. وائي باديءَ کي تحليل ڪرڻ، فالـج، لقوي، يرقان، پيشاب جي گهڻائي، سلسلبول، مٿي جي سور، مثاني جي ڦٽ، بادي بواسير، اکين جي ۽ دماغي بيمارين، کنگهه ۽ دمڪشيءَ لاءِ مفيد آهي. دستن کي بند ڪري ٿي، قوت باهه وڌائي ٿي، گردن کي طاقت ڏيندڙ شيءِ آهي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ادرڪ : (Sindhianaسنڌيانا)
  3. Ginger - Wikipedia
  4. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو