ڀڪتي تحريڪ: جي ورجائن ۾ تفاوت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڊاٿل مواد شامل ڪيل مواد
نئون صفحو: '''ڀڪتي تحريڪ''' جي شروعات ٻارهين صديءَ ۾ ڏکڻ هندستان ۾ ٿِي. هن جو بانِي سوامي رامانج، ماڌو، آنند تي...
(ڪو بہ تفاوت ڪونھي)

ورجاءُ بمطابق 19:00, 11 مارچ 2018ع

ڀڪتي تحريڪ جي شروعات ٻارهين صديءَ ۾ ڏکڻ هندستان ۾ ٿِي. هن جو بانِي سوامي رامانج، ماڌو، آنند تيرٿ، وشنو سوامي ۽ باسو هُئا. ڀڪتي تحريڪ جي بانين، خدا ۽ انسان سان محبت ڪرڻ جي پرچار وڏي خلوص سان ڪئي. ڪبير، راءِ داس، وهنا، سائين، دادو ۽ ٻيا ڀڳت سماج جي اصلاح جا سچي دل سان خواهشمند هُئا. انهن جو خيال هو ته ذات پات جو فرق، ننڍو وڏو، پوڄا پاٽ ۽ طبقاتي ننڍ وڏائي پنڊتن ۽ مولوين جا ڍنگ آهن. ماڻهو جيڪڏهن پريم جا پرستار ٿي وڃن ۽ ڏيکاءُ وارين رسمن کي ترڪ ڪن ته خدا ۽ انسان جي وچ ۾ ڪوبه حجاب يا پردو نه رهندو.