تجربيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
John Locke (1632–1704), a leading philosopher of British empiricism

تجربيت __امپرسزم__ (Empiricism):

تجربيت پسنديءَ جا وڏا پرچارڪ جان لاڪ (1632-1704ع)، هابس (1588 - 1679ع)،ڊيوڊ هيوم (1711- 1716ع) ۽ جارج برڪلي (1894-1971ع) چيا وڃن ٿا. هنن جو چوڻ آهي ته درست علم صرف تجربي يا انساني حواسن ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. يعني اها شيءِ، جيڪا اديب ڏسي، ڇهي، محسوس ڪري سگهي يا سائنسي طور ان جو تجربو ڪري سگهي، اها تجربيت ۽ درست علم آهي. [1]امپرسزم فلسفي ۾ ھڪ اھڙي نظريي جو نالو آهي جيڪو ٻڌائي ٿو ته علم ھميشہ حواسن جي تجربن سان حاصل ٿئي ٿو.[2] سائنسي فلسفي ۾ امپرسزم يا تجربيت شھادت تي زور ڏئي ٿي، خاص طور تي اھڙي شھادت جيڪا تجربن سان ظاهر ٿئي. اھو خيال ريشنل ازم _ rationalism جي ابتڙ آھي .ريشنل ازم ٻڌائي ٿو ته علم reason مان حاصل ٿئي ٿو ۽ حواسن جو ان ۾ ڪوبہ ڪردار ناھي.

نالو ۽ معني[سنواريو]

انگريزي لفظ امپريڪل _ empirical قديم يوناني لفظ ايمپيريا _ ἐμπειρία مان نڪتل آهي جنھن جي معني تجربو آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Psillos, Stathis; Curd, Martin (2010). The Routledge companion to philosophy of science (1. publ. in paperback ed.). London: Routledge. pp. 129–38. ISBN 978-0415546133.