مواد ڏانھن هلو

بوڊاپيسٽ

بيھڪ: 47°29′33″N 19°03′05″E / 47.49250°N 19.05139°E / 47.49250; 19.05139
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون هنگري جي راڄڌاني تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ بوڊاپيسٽ (سلجھائپ) ڏسو.
بوڊاپيسٽ
Budapest
راڄڌاني
هنگري جي راڄڌاني
Magyarország fővárosa
هنگري جي پارليامينٽ
بوڊا قلعو ۽ زنجير پل
هيرو اسڪوائر
ماٿيس چرچ سان گڏ ماهيگيرن جو قلعو
گيلرٽ باٿروم ۽ لبرٽي پل
بوڊاپيسٽ Budapest
جھنڊو
Coat of arms of Budapest
قومي نشان
بوڊاپيسٽ Budapest is located in Hungary
بوڊاپيسٽ Budapest
بوڊاپيسٽ
Budapest
بوڊاپيسٽ Budapest is located in Europe
بوڊاپيسٽ Budapest
بوڊاپيسٽ
Budapest
ھنگري اندر جڳھ## يورپ اندر جڳھ
جاگرافي بيهڪ: 47°29′33″N 19°03′05″E / 47.49250°N 19.05139°E / 47.49250; 19.05139
ملڪ  ھنگري
علائقو مرڪزي هنگري
بوڊا، پيسٽ ۽ ابوڊا جو اتحاد 17 نومبر 1873ع
بورو (انتظامیا)
حڪومت [1]
 • قسم ميئر- ڪائونسل
 • مجلس بوڊاپيسٽ جي جنرل اسيمبلي
 • ميئر گرجيلي ڪراسوني (Dialogue)
پکيڙ[2]
 • راڄڌاني 525.2 ڪ.م2 (202.8 ميل2)
 • شھري 2,538 ڪ.م2 (980 ميل2)
 • ميٽرو 6,917 ڪ.م2 (2,671 ميل2)
بلندي[4] گھٽ ۾ گھٽ (ڊنيوب) 96 ميٽر

بلند ترين (جانوس هل) 527 ميٽر

(315 کان 1,729 فوٽ) ميل (315 to 1,729 ft)
آبادي (2022 جي مردم شماري)[5]
 • راڄڌاني 1,685,342
 •  ڪاٿو

  January 2023

[3]
1,671,004

بوڊاپيسٽ (Budapest) هنگري جي راڄڌاني آهي. اهو ڊينيوب نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي پکڙيل آهي ۽ بنيادي طور تي ٻن شهرن جو ميلاپ آهي. نديءَ جي هڪ ڪناري تي "بوڊا" ۽ "قدیم بوڊا" آهي ۽ ٻئي ڪناري تي "پيسٽ" آهي. اڄ، "بوڊا" ۽ "پيسٽ" هڪ شهر بڻجي ويا آهن.

بوڊاپيسٽ (Budapest) هنگري جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر آهي. اهو شهر جي حدن اندر آبادي جي لحاظ کان يورپي يونين جو نائين نمبر وڏو شهر آهي ۽ اهو ڊينيوب نديءَ تي سڀ کان وڏو شهر ھو؛ اڄ اهو ٻيو نمبر وڏو آهي. هن شهر جي آبادي اندازاً 17,52,286 آهي جيڪا 525 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. بوڊاپيسٽ، جيڪو هڪ شهر ۽ ڪائونٽي ٻئي آهي، بوڊاپيسٽ ميٽروپوليٽن علائقي جو مرڪز آهي، جنهن جي ايراضي 7,626 چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي 33,03,786 آهي. هي هڪ پرائيميٽ شهر آهي، جيڪو هنگري جي آبادي جو 33 سيڪڙو آهي.

بوڊاپيسٽ جي تاريخ تڏهن شروع ٿي جڏهن هڪ ابتدائي سيلٽڪ آبادي، لوئر پينونيا جي گاديءَ واري هنڌ، اڪونڪم (Aquiincum) جي رومن شهر ۾ تبديل ٿي. ھنگرين يا ھنن (Huns) ھن علائقي ۾ 9ھین صدي جي آخر ۾ آيا، پر سال 1242-1241ع ۾ منگولن پاران ھن علائقي کي لٽيو ويو. 15ھین صدي عيسويء تائين ٻيهر قائم ڪيل بوڊا ريناسنس انساني ثقافت جي مرڪزن مان هڪ بڻجي ويو. سال 1526ع ۾ موھاڪس جي جنگ لڳي، جنهن کانپوءِ 150 سالن جي عثماني حڪومت رهي. سال 1686ع ۾ بوڊين (Budain) جي ٻيهر فتح کان پوءِ هي علائقو خوشحاليءَ جي نئين دور ۾ داخل ٿيو، 17 نومبر، 1873ع تي بوڊا، پراڻي بوڊا ۽ پيسٽ جي هڪ ٿيڻ کان پوءِ هڪ عالمي شهر بڻجي ويو، جنهن جو نالو ”بوڊاپيسٽ" رکيو ويو. بوڊاپيسٽ آسٽرو-هنگري سلطنت، هڪ عظيم طاقت جيڪا، پهرين عالمي جنگ کانپوءِ، سال 1918ع ۾ ختم ٿي وئي، جو پڻ گڏيل راڄڌاني بڻجي ويو. هي شهر سال 1848ع جي هنگري انقلاب ۽ سال 1945ع ۾ بڊاپسٽ جي جنگ، سال 1956ع جي هنگري انقلاب جي طور تي، جو مرڪزي نقطو هو.

حوالا

[سنواريو]
  1. "The Municipality of Budapest (official)". حاصل ڪيل 11 September 2014. 
  2. "Területi statisztikai évkönyv, 2022". www.ksh.hu. Hungarian Central Statistical Office (KSH). صفحو. 4. حاصل ڪيل 6 March 2024. 
  3. 3.0 3.1 "22.1.2.1. Resident population by sex, county and region, 1 January (annual series)". www.ksh.hu. Hungarian Central Statistical Office (KSH). حاصل ڪيل 6 March 2024. 
  4. "Best view in Budapest from the city's highest hilltop". stay.com – Budapest. وقت 23 June 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 September 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "2022 Hungarian census". www.ksh.hu. Hungarian Central Statistical Office (KSH). حاصل ڪيل 6 March 2024. 
  6. 6.0 6.1 Multiple sources:
  7. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org.