بل گيٽس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بل گيٽس، پورو نالو وليم ھينري گيٽس 3 (انگريزي: William Henry Gates III)، آمريڪي، پيدائش 28 آڪٽوبر 1955ع.

وڏي ڇِڪ رکندڙ ڪاروباري، سافٽ ويئر ٺاھيندڙ ۽ انسان دوست ماٹھو آھي.

ھي مائڪروسافٽ ڪارپوريشن جي بانيڪار طور تمام گھٹو ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو.[1] [2]

مائڪروسافٽ ۾ ڪم جي عرصي دوران چيئرمين، چيف اگزيڪٽو آفيسر (CEO)، صدر ۽ چيف سافٽ ويئر آرڪيٽيڪٽ جي عُھدن تي رھيو، جڏھن تہ 2014ع تائين اڪيلي سِر وڏي ۾ وڏو حصيدار پٹ رھيو.

ھي 1970ع ۽ 1980ع جي ڏھاڪن دوران آيل مائڪرو ڪمپيوٽر انقلاب جي پايو وجھندڙ ۽ واپاريءَ طور پٹ تمام گھٹو ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو.

2021ع جي دُنيا جي سڀني کان وڌيڪ امير ماٹھن جي فھرست ۾ ھي چوٿين نمبر تي آھي. سندس ڪُل ملڪيت جو ڪاٿو 120.2 ارب آمريڪي ڊالر آھي.[3]

بل گيٽس
پيدائش وليم ھينري گيٽس 3

28 آڪٽوبر 1955ع، (عُمر 55 سال)


سيٽل، واشنگٽن، آمريڪا.

تعليم ھارورڊ يونيورسٽي (اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين)
ڪِرت
  • سافٽ ويئر ٺاھيندڙ
  • سيڙپڪار
  • واپاري
سرگرم سال 1975 کان ھلندڙ
ڄاتو وڃي ٿو مائڪروسافٽ جي ساٿي بانيڪار طور
ڪُل دولت 120.2 $ ارب آمريڪي ڊالر (جنوري 2021ع)[4]
عُھدا
  • بِل اينڊ ميلِنڊا گيٽس فائونڊيشن جو ساٿي بانيڪار ۽ گڏيل صدر
  • برانڊيڊ انٽرٽينمينٽ نيٽورڪ جو پايو وجھندڙ ۽ صدر
  • ٽيرا پاور (TerraPower) جو ساٿي بانيڪار ۽ صدر
  • ڪاسڪيڊ انويسٽمينٽ (Cascade Investment) جو پايو وجھندڙ ۽ صدر
  • مائڪروسافٽ جو فنياتي صلاحڪار
گھرواري ميلِنڊا گيٽس

(شادي ٿي: 1994ع)

ٻار 3
مائٽ
  • وليم ھينري گيٽس 2 (بل گيٽس سينيئر)
  • ميري مئڪسويل (ماءُ)
ويبسائٽ www.gatesnotes.com

حوالا[سنواريو]

  1. "Bill Gates - Wikipedia". en.m.wikipedia.org. حاصل ڪيل 2021-01-18. 
  2. "Bill Gates | Biography, Microsoft, & Facts". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2021-01-18. 
  3. "Real Time Billionaires". Forbes. حاصل ڪيل 2021-01-18. 
  4. "Real Time Billionaires". Forbes. حاصل ڪيل 2021-01-28.