بل گيٽس
ڏيک

بل گيٽس، پورو نالو وليم ھينري گيٽس 3 (انگريزي: William Henry Gates III)، آمريڪي، پيدائش 28 آڪٽوبر 1955ع.
وڏي ڇِڪ رکندڙ ڪاروباري، سافٽ ويئر ٺاھيندڙ ۽ انسان دوست ماٹھو آھي.
ھي مائڪروسافٽ ڪارپوريشن جي بانيڪار طور تمام گھٹو ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو.[1] [2]
مائڪروسافٽ ۾ ڪم جي عرصي دوران چيئرمين، چيف اگزيڪٽو آفيسر (CEO)، صدر ۽ چيف سافٽ ويئر آرڪيٽيڪٽ جي عُھدن تي رھيو، جڏھن تہ 2014ع تائين اڪيلي سِر وڏي ۾ وڏو حصيدار پٹ رھيو.
ھي 1970ع ۽ 1980ع جي ڏھاڪن دوران آيل مائڪرو ڪمپيوٽر انقلاب جي پايو وجھندڙ ۽ واپاريءَ طور پٹ تمام گھٹو ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو.
2021ع جي دُنيا جي سڀني کان وڌيڪ امير ماٹھن جي فھرست ۾ ھي چوٿين نمبر تي آھي. سندس ڪُل ملڪيت جو ڪاٿو 120.2 ارب آمريڪي ڊالر آھي.[3]
| بل گيٽس | |
|---|---|
| پيدائش | وليم ھينري گيٽس 3
28 آڪٽوبر 1955ع، (عُمر 55 سال)
|
| تعليم | ھارورڊ يونيورسٽي (اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين) |
| ڪِرت |
|
| سرگرم سال | 1975 کان ھلندڙ |
| ڄاتو وڃي ٿو | مائڪروسافٽ جي ساٿي بانيڪار طور |
| ڪُل دولت | 120.2 $ ارب آمريڪي ڊالر (جنوري 2021ع)[4] |
| عُھدا |
|
| گھرواري | ميلِنڊا گيٽس
(شادي ٿي: 1994ع) |
| ٻار | 3 |
| مائٽ |
|
| ويبسائٽ | www.gatesnotes.com |
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Bill Gates - Wikipedia", en.m.wikipedia.org (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 18 جنوري 2021۔
- ↑ "Bill Gates | Biography, Microsoft, & Facts", Encyclopedia Britannica (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 18 جنوري 2021۔
- ↑ "Real Time Billionaires", Forbes (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 18 جنوري 2021۔
- ↑ "Real Time Billionaires", Forbes (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 28 جنوري 2021۔