مواد ڏانھن هلو

برسيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برسيم جو ٻوٽو

بَرسِيمُ کي گاهن جو ”بادشاهه“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. هيءُ اصل ۾ مصر جو گاهه آهي، جيڪو 1904ع ڌاري ميرپورخاص فارم ۾ پوکي تجربو ڪيو ويو ۽ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ پوريءَ سنڌ ۾ پکيڙيو ويو.[1]

خاصيتون

[سنواريو]

برسيم گاهه ذائقي دار، طاقتور ۽ هاضمي وارو ٿئي ٿو ۽ جانور هن کي شوق سان کائيندا آهن. اُن جي گل جو رنگ اڇو به ٿئي ته نيرو ۽ قرمزي به ٿئي ۽ ان ۾ هلڪي خوشبوءِ هوندي آهي، جيڪا ڀرسان لنگهندڙ کي موهي وجهندي آهي. اُن جو ٻج سرنهن جي داڻي کان وڏو ۽ رنگ جو ڀورو ٿئي ٿو. مشهور گاهه آهي، جيڪو چاري طور ڪم اچي ٿو، هن گاهه ۾ 8.2 سيڪڙو فاسفورس ۽ 6.2 سيڪڙو ڪئلشيم جو مقدار هوندو آهي، جنهن ڪري کير ڏيندڙ جانورن کي برسيم کارائيندا آهن. برسيم جا پن ۽ تندا نرم ٿين ٿا. برسيم لاءِ آبهوا معتدل هجي، نه زياده گرمي نه زياده سردي. برسيم جو فصل سيپٽمبر جي آخري هفتي ۾ يا آڪٽوبر جي پهرئين هفتي ۾ پوکڻ سان اُن جي زياده پيداوار لهندي. برسيم ڦرين واري گاهه جو ٻوٽو آهي ۽ سائي ۽ سڪل گاهه طور ڪم اچي ٿو. ڄمڻ وقت ٽي پن جهليندو آهي ۽ هر گؤنچ ۾ ٽي پن اُن جي خاص نشاني آهن. اُن جا ڇڻيل پن ٻنيءَ لاءِ ڀاڻ جو ڪم ڏيندا آهن. ان ڪري ڪلراٺي زمين کي ٺاهڻ لاءِ ماڻهو ان تي برسيم پوکيندا آهن. مال اُن کي گهڻي چاهه سان کائيندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن گهڻي کائڻ سبب آڦرجي به پوي ٿو ۽ مري به سگهي ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]