الھو ٻلھو راند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الھو ٻلھو راند سنڌ جي ٻھراڙين ۾ کيڏي ويندڙ ٻاراڻي راند آھي، جيڪا ڇھ ٻار کيڏي سگهن ٿا. ھن راند رچائڻ لاءِ ھڪ وڏو گول دائرو ڪڍبو آھي، جنھن جو قطر پنج فوٽ کن ٿيندو آھي. ھن راند ۾ اکر ڀوري ذريعي فيصلو ڪبو آھي تہ پھريان ڪھڙي ٽيم راند جو وارو وٺي. ڪڏھن ڪڏھن سڪل ٺڪري کڻي ان جي ھڪ پاسي ھڪ ڇوڪرو ٿُڪ اڇلائيندو، پوءِ ھڪ رانديگر واريندو سُڪي ۽ ٻيو دريا (ٿڪ وارو پاسو) پوءِ ٺڪريءَ کي آسمان ڏانھن مٿي اڇلائيندو، جنھن جو واريل پاسو مٿان ٿيو، اھو پھريان وارو وٺندو. فيصلي ٿيڻ بعد ٽيم جو ھڪ رانديگر گول ۾ بيھي، پير، مٺ، چپو، ڏوڏو، اک يا ٺونٺ ھلندو ۽ آڳ ڏيندڙ ٽيم جا رانديگر پکڙيل ھوندا، جيڪي ڏڪي جهٽڻ جي ڪوشش ڪندا، جيڪڏھن ڏڪي جهٽجي پئي تہ رانديگر کاتو، ورنہ آڳ ڏيندڙن مان ھڪ رانديگر ڏڪي گول دائري ۾ اڇلائيندو، جنهن ۾ اندر ڏڪي پيل ھوندي ۽ جيڪڏھن ڏڪي گول ۾ پئي تہ رانديگر آئوٽ، نہ تہ رانديگر الھو ٻلھو ھلندو. الھو ٻلھو ھلڻ جو طريقو ’اڇا‘ وانگر آھي، يعني کاٻي ھٿ جي آڱرين ۾ ڏڪيءَ جي ھڪ چھنب جھلي سڄي ھٿ ۾ جهليل ڏڪر سان ھڪ پير ھيٺان کان آھستي ھڻندا تہ جيئن ڏڪي ٿورو مٿي وڃي، پھرين ڌڪ ھڻڻ مھل چوندا ’الھو‘ وري ٻيو ڌڪ زور سان ھڻندا ۽ چوندا ’ٻلھو‘ ۽ ڏڪي پري وڃي پوندي. ڪي ھوشيار رانديگر تہ ’ٽلھو‘ ، ’چولھو‘ ۽ ’پنجوٽو‘ بہ ھڻندا آھن. پوءِ آڳ وٺندڙ رانديگر گول جي ٻاھران ليڪي جي ڀرسان ڏڪر کڻي بيھندو، ھوڏانھن آڳ ڏيندڙن مان ھڪ ڇوڪرو ڏڪي گول ۾ اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندو، پر آڳ وٺندڙ رانديگر ڪوشش ڪندو تہ ڏڪيءَ کي ڌڪ ھڻي گول ۾ ڪرڻ کان بچائجي، جي ڏڪي گول ۾ پئجي وئي تہ رانديگر کاتو، ورنہ تيستائين ’اِلھو ٻلھو‘ ھلندو، جيسين ڏڪي جهٽجي يا گول ۾ پئجي وڃي. اھڙي نموني اھو رانديگر کاپندو، وري ٻيو ھلندو.[1]

حوالا[سنواريو]