الطاف حسين قريشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

الطاف حسين قريشي- 26 -جنوري- 1900ع تي ڍاڪا ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- کان پوءِ 1918ع تائين سٽي ڪاليج ڪلڪتي ۾ ۽ 1923ع تائين ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ -تعليم- ورتائين. 1926ع ۾ -بنگال- ايڊيوڪيشن سروس ۾، 38- 1937ع ۾ ڍاڪا ڪاليج جو پرنسپال ۽ 1938ع کان 1945ع تائين -تعليم- کاتي جو ڊائريڪٽر ٿي رهيو. پوءِ ملازمت -تان- استعيفيٰ ڏيئي ”ڊان“ (DAWN) -اخبار- جو -ايڊيٽر- ٿيو، جيڪا جلد ئي ملڪ جي نامور -اخبار- بنجي ويئي. پاڪستان کان اڳ ڊان -اخبار- دهليءَ مان نڪرندي هئي ۽ پوءِ 1947ع ۾ ڪراچيءَ منقتل ٿي. ”ڊان“ کان الڳ ٿيڻ کان پوءِ 1965ع کان 1968ع تائين -پاڪستان- جي مرڪزي ڪابينه ۾ وزير تجارت رهيو. 25 مئي 1968ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]