اداڪار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مشھور ڪردار مسٽر بين جو اداڪار ايٽنڪنسن رووان

اداڪار يا اداڪاره ھڪ اھڙي شخصيت کي چئبو آھي جيڪا ڪنھن فلم، ٿيٽر، تمثيل، ريڊيو يا ڪنھن بہ ڊرامائي پيشڪش ۾ اداڪاري ڪندي آھي.[1] اداڪار جي لاءِ قديم يوناني زبان جي لفظ " Hypokrites " جو مطلب ھڪ اھڙو شخص آھي جيڪو وضاحت يا ترجماني ڪندو آھي. ان تشريح جي مطابق اداڪار اھو آھي جيڪو پنھنجي حرڪتن ۽ سڪناتن ۽ گفتار سان ڪنھن ڪردار جي وضاحت يا ترجماني ڪندو آھي. اداڪار ڊرامي جي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي حيثيت آهر عمل ۽ گفتگو ڪري پنهنجو اختيار ڪيل ڪردار ادا ڪندو آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "Actor: Job description and activities". Prospects UK. حاصل ڪيل 2009-02-12. 
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.