آيرويد
آيرويد (Ayurveda) لفظ جي معنيٰ آهي ”زندگيءَ جو علم“، هندي ٻوليءَ ۾ طب جي مشھور ڪتاب جو نالو، جنھن کي هندي طب جو پھريون ڪتاب چيو وڃي ٿو، جيڪو ڌنوتريءَ نالي هڪ نامياري طبيب تصنيف ڪيو هو. ڪن ڄاڻن جو خيال آهي تہ اهو ”آيرويد“ جو خلاصو آهي. اصلاحي طور ”آيرو ويد“ کي ”هندي علم طب“ چيو ويندو آهي. آيرويدڪ علاج، خاص جڙي ٻوٽين ذريعي علاج جو طريقو آهي. يوناني طب بہ اُن مان مدد ورتي آهي. ماهرن جو خيال آهي تہ يوناني طب جي تدوين 460 ق.م ڌاري حڪيم بقراط ڪئي، ساڳئي دور ۾ هندستان ۾ ”چرڪ“ نالي ويڄ آيرويدڪ کي تڪميل تي پڄائي چڪو هو. قديم هندستان ۾ آيرويدڪ طريقي علاج تي سوين ڪتاب لکيا ويا آهن. ڪن ڪتابن ۾ آيرويدڪ علاج کي ٽن کان پنج هزار سال پراڻو علاج جو طريقو ڄاڻايو ويو آهي. بھرحال آيرويدڪ علاج جا اهم مرڪز سنڌو ماٿريءَ جا موهن جو دڙو، ڪاشي ۽ ٽيڪسلا هوندا هئا.[1]
جنھن کي اسان يوناني علاج سڏيندا آهيون، اهو سنڌو تھذيب جو اوائلي علاج ”يجرويڄ“ (Yajrveda) يا آيرويد ئي آهي. (چئن ويدن مان ھڪ ويد اھو يجرويد پڻ آھي). ان ۾ هڪ ٻول ”اٿوَ ويڄ.“ اهو پوءِ گهڻيون ئي شڪليون مٽائيندو ڪٿي ٿيو آهي ويد تہ ڪٿي آهي بيد. يورپي ٻولين ۾ اهو ئي اوائلي ٻول ”وِِڄا“ وارو ويڄ، بيد مان ميڊ (Med) ٿي پوءِ ميڊيڪل (Medical) ٿيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ آيرويد : (Sindhianaسنڌيانا)، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (ويبسائيٽ)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ.