سماجي وٿي
سماجي وٿي، سماجي وڇوٽي،(انگريزي ٻولي: Social distancing)[6] يا جسماني وڇوٽي (انگريزي ٻولي: physical distancing)[7][8][9]، ماڻهن جي وچ ۾ جسماني وڇوٽي (فاصلو) رکڻ ۽ ماڻهن جو هڪٻئي سان ويجهو رابطو ۾ اچڻ جي تعداد کي گهٽائي هڪ پکڙجندڙ (متعدي) روڳ (بيماري) جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ غير دواسازي مداخلت يا عمل جو هڪ سيٽ آهي. سماجي وِٿيءَ ۾ ٻين ماڻهن کان ڇهہ فُٽ يا ٻہ ميٽر جي وِٿي (وڇوٽي، فاصلو) رکڻ ۽ وڏن گروهن (گروپن) جي ميڙ ۾ گڏ ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ شامل آهي.
ان اِمڪان کي ختم ڪرڻ جي ارادي سان تہ هڪ اڻ ڄاتل ماڻهو مُتاثر ٿيل ماڻهوءَ سان جسماني رابطي ۾ اچي ويندو، سماجي وِٿي رکڻ سان بيماري جي مٽاسٽا (منتقلي،ٽرانسميشن) کي دٻائي سگهجي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ موتَ ٿيندا.[10] ان سان گڏوگڏ سُٺي ريت صحت صفائي (هائيجين) ۽ هٿ ڌوئڻ سان گڏيل اُپاءَ ڪرڻ پڻ شامل آهن.[11] 2019-2020 جي ڪوروناوائرس مهاوبائي روڳ دوران ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) موجب "جسماني وٿي" کي "سماجي وٿي" جي متبادل طور اهو ويچار رکيو ويو آهي تہ اهو بيماري جي مٽاسٽا کي روڪي ٿو؛ جڏهن تہ ماڻهو سماجي طور تي ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل رهي سگهن ٿا.[12] انفيڪشن واري بيماري جي پکڙجڻ کي گھٽائڻ ۽ صحت جي سرشتو (سسٽم) تي گهڻو بارُ وڌائڻ کان بچڻ لاءِ، خاص طور تي هڪ مهاماري وبائي روڳ (پنڊيمڪ) دوران، ڪيترا ئي سماجي وڇوٽي جا اُپاءَ ڪَتب آڻڻ وارا طريقا استعمال ڪيا ويا آهن، جن ۾ وِدياشالائن (اسڪولن) ۽ ڪم ڪرڻ واري جاءِ (ورڪ پليس) کي بند ڪرڻ، اڪيلائي (نويڪلائي، آئسوليشن)، مرض روڪ (طبي قيد، ڪئارنٽين)، ماڻهن جي چُرپُر (حرڪت) کي گهٽائڻ (محدود ڪرڻ) ۽ ڪيترن ئي وڏي پيماني تي ميڙ، گڏجاڻين (اجتماع) جي منسوخي ڪرڻ سماجي وٿيءَ جا اُپاءَ ورتا ويندا آهن.
سماجي وٿي هڪ اڻ دوائي تدبير آهي، جنهن جو مقصد معتدي روڳ جي پکڙجڻ تي ضابطو آڻڻ هوندو آهي. اهو ڌيان ۾ رکڻ کپي تہ هر مرض متعدي (انفيڪشن وارو) ناهي هوندو، جيئن دل تي دٻاءٌ پوڻ يا دل جو دورو پوڻ جي مريض پنهنجي تڪليف کي ٻين تائين ناهي وڌائيندو. ڪُجھ روڳَ (مرض)، جهڙوڪ ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز ڇَڙو (رُڳو) جسماني لاڳاپو (تعلق) يا رت جو عطيو سان پکڙجي نٿو سگهجي. انهن روڳَ (بيمارين) ۾ هٿ لائڻ ۽ ڪنهن ٻئي همراهه سان گڏ ويهڻ سان ڪوبہ اثر ناهي ٿيندو. ان مرض ۾ سماجي وِٿي (وڇوٽي) ڇَڙو انهن ٻن معاملن کان وٿي رکڻ ٿي سگهجي ٿي. تنهن هوندي، ڪجهه معاملن ۾ هٿ لائڻ گڏجي ويهڻ پڻ مرض کي دعوت ڏيڻ هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هٿ لائڻ کانسواءِ متاثر ٿيل ماڻهوءَ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻن ميٽر يا ٽي ميٽر جي وِٿي (وڇوٽي) بڻائي رکڻ جي ضرورت پئجي سگهجي ٿي. انهيءَ ڪري سارس وائرس ۽ ڪوروناوائرس جهڙين مهاوبائي بيمارين جي مهل ماڻهن کي هدايت ڪئي ويندي آهي. ماڻهن کي پنهنجا هٿ هر ڀيري ڌوئڻ ۽ هٿ ملائڻ ۽ ڀاڪُر پائڻ (ڳلي ملڻ) کان جهليو ويندو آهي، اهو احتياط وبائي مرض جي پکڙجڻ کي روڪڻ جي لاءِ ڪيو ويندو آهي. جڏهن تہ اهڙي احتياط ڪرڻ سان ڪنهن بہ مذهبي، يا ثقافتي ريت رسم کي پڻ ڇڏي ڏيڻ ۾ ڀلائي آهي.
ڪورونا وائرس جهڙي مهاماري سان مُنهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي وڇوٽي تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جي ضرورت تي گهڻو زور ڏنو ويندو آهي، تہ جيئن ڏٺو ويندو آهي تہ اڪثر سياسي، مذهبي ۽ عوامي سرواڻن کي پڻ ان مسئلي جي سنگيني جو احساس ناهي ۽ اُهي سماجي رابطا گهٽائڻ بدران اهڙن عملن کي سرڪاري سطح تي وڌائيندي نظر ايندا آهن، پر ويجهر ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ کانپوءِ دُنيا ۾ ڪُجهه ملڪن جي وڏن اڳواڻڻ کي هڪٻئي سان پري کان هٿ جوڙي (نمستي ڪندي) کيڪاريندي ڏٺو ويو، جيڪو هڪ احتياطي عمل طور اختيار ڪيو ويو آهي.[13]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Wiles, Siouxsie. "The three phases of Covid-19 – and how we can make it manageable". The Spinoff. حاصل ڪيل 9 March 2020.
- ↑ Anderson, Roy M.; Heesterbeek, Hans; Klinkenberg, Don; Hollingsworth, T. Déirdre (9 March 2020). "How will country-based mitigation measures influence the course of the COVID-19 epidemic?" (English ۾). The Lancet 0 (10228): 931–934. doi: . ISSN 0140-6736. PMID 32164834. https://www.thelancet.com/journals/lancet/article/PIIS0140-6736(20)30567-5/abstract. "A key issue for epidemiologists is helping policy makers decide the main objectives of mitigation—e.g., minimising morbidity and associated mortality, avoiding an epidemic peak that overwhelms health-care services, keeping the effects on the economy within manageable levels, and flattening the epidemic curve to wait for vaccine development and manufacture on scale and antiviral drug therapies.".
- ↑ Wiles, Siouxsie. "After 'Flatten the Curve', we must now 'Stop the Spread'. Here's what that means". The Spinoff. حاصل ڪيل 13 March 2020.
- ↑ "How will country-based mitigation measures influence the course of the COVID-19 epidemic?". The Lancet 395 (10228): 931–934. March 2020. doi: . PMID 32164834.
- ↑ Maier, Benjamin F.; Brockmann, Dirk (15 May 2020). "Effective containment explains subexponential growth in recent confirmed COVID-19 cases in China". Science 368 (6492): 742–746. doi: . PMID 32269067. Bibcode: 2020Sci...368..742M. ("...initial exponential growth expected for an unconstrained outbreak.")
- ↑ "Social distancing - English-Sindhi Dictionary". Glosbe. حاصل ڪيل 2020-04-05.
- ↑ Harris, Margaret; Adhanom Ghebreyesus, Tedros; Liu, Tu; Ryan, Michael "Mike" J.; Vadia; Van Kerkhove, Maria D.; Diego; Foulkes, Imogen; Ondelam, Charles; Gretler, Corinne; Costas. "COVID-19" (PDF). ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن. وقت 2020-03-25 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-03-29. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Hensley, Laura. "Social distancing is out, physical distancing is in — here's how to do it". گلوبل نيوز. ڪورس انٽرٽينمنٽ انڪارپوريٽڊ. وقت 2020-03-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-03-29. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Venske, Regula. Schwyzer, Andrea, وڪي نويس. "Die Wirkung von Sprache in Krisenzeiten" (Interview) (ٻولي ۾ German). Norddeutscher Rundfunk. وقت 2020-03-27 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-03-27. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) (NB. Regula Venske is president of the پي اي اين سينٽر جرمني.) - ↑ سانچو:Cite newspaper
- ↑ "Guidance on social distancing for everyone in the UK". GOV.UK. حاصل ڪيل 2020-03-29. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Tangermann, Victor. "It's Officially Time to Stop Using The Phrase 'Social Distancing'". science alert (Futurism / The Byte). وقت 2020-03-29 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-03-29. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) [1] - ↑ ڪرونا جي زماني ۾ سياسي ۽ سماجي وڇوٽي