مواد ڏانھن هلو

570ع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھزارو:
صديون:
ڏھاڪا:
  • '
سال:
  • '
محمد ﷺ جي ولادت (وفات: 632 عيسوي)

سال 570ع هڪ شمسي سال آهي، جنهن جي شروعات جولين ڪيلينڊر (Julian calendar) مطابق اربع جي ڏينهن ٿي. هن سال لاءِ ”570“ جو شمار وچين دور جي شروعاتي دور کان استعمال ٿي رهيو آهي، جڏهن يورپ ۾ سالن جي نانءُ ڪرڻ لاءِ گريگورين ڪيلينڊر، "اينو ڊوميني" (Anno Domini) وارو نظام رائج ٿيو.

570ع جو ڏھاڪو
570ع · 571ع · 572ع · 573ع · 574ع · 575ع · 576ع · 577ع · 578ع · 579ع

واقعا

[سنواريو]

بلحاظ جڳهه

[سنواريو]

ايشيا

[سنواريو]

عربستان

[سنواريو]
  • پيغمبر محمد ﷺ جي پيدائش مڪه المڪرمه (اڄوڪو سعودي عرب) ۾ ٿي. سندن والد عبدالله بن عبدالمطلب سندن پيدائش کان ڪجهه مهينا اڳ وفات ڪري ويا هئا، تنهنڪري سندن ۽ سندن والده آمنه بنت وهب جي سرپرستي ۽ حفاظت محمد ﷺ جي پيءُ طرفان ڏاڏي، عبدالمطلب ڪئي؛ عبدالمطلب پنهنجي قبيلي "قريش" جي اڳواڻ طور سڃاتا ويندا هئا.[1]
  • يمن جي ساحلي علائقي جو عيسائي حڪمران ابرهه، جيڪو حبشه (Abyssinia) جي عيسائي بادشاهت لاءِ هڪ جنرل طور ڪم ڪري رهيو هو، مڪي جي قريش قبيلي (جيڪا ان وقت بت پرست هئا) [2] خلاف عربستان ۾ هڪ فوجي مهم شروع ڪيو. هي واقعو هاٿين واري سال (عربي: عام الفيل) طور سڃاتو وڃي ٿو.

فارس

[سنواريو]

يورپ

[سنواريو]
  • گوين اسٽراڊ جي جنگ: برينچ (Bryneich)، ايلميٽ (Elmet) ۽ اسٽراٿڪلائيڊ (Strathclyde) جي بادشاهتن جي وچ ۾ هڪ برطانوي اتحاد قائم ٿئي ٿو.
  • اسپوليٽو (Spoleto) لومبارڊ سردار فارولڊ (Faroald) جي ماتحت هڪ آزاد ڊچي (duchy) جو گاديءَ جو هنڌ بڻجي ٿو.
  • ليوٽفريڊ (Leutfred) اليمانيا (جديد جرمني) جو ڊيوڪ (حڪمران) بڻجي ٿو.

بلحاظ موضوع

[سنواريو]

مذهب

[سنواريو]
  • هينان، چين ۾ ٻوڌستاوا (Bodhisattva) جو چوني جي پٿر مان ٺهيل مجسمو تيار ڪيو ويو.
  • "تقدير جي نيزي" (Spear of Destiny) جو پهريون ڀيرو ذڪر ملي ٿو.
  • ڪليرمونٽ-فيرنڊ (Clermont-Ferrand) جي يهودين کي عيسائيت قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو.
  • اسلامي روايتن مطابق "عام الفيل" (هاٿين وارو سال).
  • پياخينزا (Piacenza) جي هڪ اڻڄاتل زيارتي شام، فلسطين ۽ سينائي ​​۾ عيسائيت جي مقدس ماڳن جو سفر ڪيو؛ هن اهو تجربو بعد ۾ هڪ سفرنامي يا سفر جي رپورٽ جي صورت ۾ قلمبند ڪيو.[4]

پيدائشون

[سنواريو]
  • عمار ابن ياسر، حضرت محمد ﷺ جا صحابي
  • چين يوان، چين خاندان جو ولي عهد
  • چلڊبرٽ ٻيون، آسٽراسيا جو بادشاهه (وفات: 595ع)
  • گائو هينگ، "اترئين چي سلطنت" جو شهنشاهه (وفات: 577ع)
  • ايمريئس آف ايمرٽل، سوئس راهب
  • خسرو ٻيون، ايران جو آخري عظيم ساساني بادشاهه (وفات: 628ع)
  • لي داشي، چيني عهديدار ۽ تاريخ دان (وفات: 628ع)
  • محمد ﷺ، الله جا آخري نبي ۽ رسول (وفات: 632ع)
  • نامري سونگتسين، تبت جو بادشاهه
  • پي جي، تانگ خاندان جو چانسلر (وفات: 629ع)
  • پيبا، مرسيا جو بادشاهه
  • ريگنٿ، چلپرڪ پهرئين جي ڌيءُ (وفات: 585ع)
  • ٿيوڊلينڊا، لومبارڊز جي راڻي (وفات: 628ع)

فوتگيون

[سنواريو]
  • 15 جنوري: آئيتي آف ڪليڊي آئرش عيسائي راهبه
  • عبدالله بن عبدالمطلب (وفات: 545ع)، محمد ﷺ جا والد
  • ابرهه، يمن جو عيسائي حڪمران، جيڪو ڪعبه شريف کي تباهه ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي فوج سان گڏ مڪه المڪرمه ڏانهن آيو. اسلامي روايت هن جي موت کي فوري طور تي حجاز ڏانهن وڃڻ کان پوء ڏئي ٿي.
  • انتونيا، بيليزاريئس جي زال
  • ارمل، برٽن شهزادو ۽ پادري
  • في دي (Fei Di)، چن خاندان جو شهنشاهه
  • گِلڊاس، انگريز پادري[5]
  • جان فلپونس، ارسطو تي تبصرو لکندڙ
  • سوگا نو اينامي، سوگا قبيلي جو اڳواڻ
  • ژانگ ياؤر، چن خاندان جي شهنشاهه جو عهديدار

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ David Nicolle, Essential Histories: "The Great Islamic Conquests AD 632–750". The birth of Islam and the unifying of Arabia (2009), page 19.
  2. ↑ Walter W Müller, "Outline of the History of Ancient Southern Arabia"in Werner Daum (education) Yemen: "3000 Years of Art and Civilization in Arabia Felix" (1987)
  3. ↑ "Geography at about.com". اصل نسخو مان آگسٽ 18, 2016 تي محفوظ ڪيل. مارچ 1, 2006 تي حاصل ڪيل.
  4. ↑ Meyers, Eric M. (1999). Galilee Through the Centuries Confluence of Cultures. Pennsylvania State University Press. ص. 353. ISBN 9781575060408. جنوري 6, 2024 تي حاصل ڪيل.
  5. ↑ Annales Cambriae, s.a.