2015ع حج ڀڄ ڊڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(2015ء جي حج ڀڄ ڊڪ کان چوريل)

خيمن جو شهر منٰي 2009ء ۾
تاريخ 24 سيپٽمبر 2015 (2015-09-24)
مڪانيت 21°24′48″N 39°53′36″E / 21.41333°N 39.89333°E / 21.41333; 39.89333
سبب زير تفتيش
زخمي 863

24 سيپٽمبر 2015ء تي خميس جي صبح مني ۾ جمرات پل جي سامهون شارع العرب (شارع 204) تي حج جي دوران ڀڄ ڊڪ ٿيڻ تي717 کان وڌيڪ حاجي شهيد، جڏنهن ته 863 زخمي ٿيا،[1] ان َ وڌيڪ تعداد عورتن ۽ سن رسيده شخصن جو آهي۔[2] هي حادثو ان وقت پيش آيو جڏنهن حاجي جمره عقبه جي طرف رمي جمار جي لاء وڃر رهيا هيا۔ هي 1990ء جي ٿيڻ واري ڀڄ ڊڪ کان پوء سڀ کان وڏيون هلاڪتون آهن۔[3]

2006ء ۾ انهي طرح ٿيڻ واري ڀڄ ڊڪ ۾ 346 فردَ جان بحق ٿيا هيا، جنهن کان پوء سعودي حڪومتَ وڌيڪ اصلاحتون ڪيون هيون۔[1] سانچو:فاصل نيز انهي سال حج جي دوران 11 ستمبر کو 118 فردَ مڪو ڪرين حادثو ۾ نذر ٿيا۔[4]

پس منظر[سنواريو]

منٰي ۾ جمره کي ڪنڪريون ماريندي

حج جيڪو هر مسلمان تي زندگي ۾ هڪ دفعو فرض آهر۔هڪ حاجي حج جر مختلف منسڪن کي پورا ڪندو آهي، ان منسڪن مان هڪ رمی جمار (شيطان کي ڪنڪريون هڻڻ) آهي ۔رمي جمار جو منسک منٰي ۾ پورو ڪيو ويندو آهي جيڪو سعودي عرب جي صوبي مڪي هڪ ضلعو آهي ۔ اڪثر ماڻهون حج جي ان منسڪ کي خطرناڪ سمجهندا آهن ڇو ته شروع ۾ جمره ننڍو هيو ۽ حاجين جي تعداد گهڻي هئي، ماڻهون جيئن ئي جمره کي پٿر مارڻ وڃن ته جڳهه گهٽ هئڻ جي سبب سان بڄ ڊڪ شروع ٿي ويندي سوين حاجين جي لاء جان ليوا ٿي ويندو هيو۔ 2006ء ۾ ان ئي جڳهه تي ڀڄ ڊڪ شروع ٿي جنهن سان 346 فردَ جان بحق ٿيا، ان کان علاوه به ڪيترا ئي دفعا منٰي ۾ اهڙا واقعا سامهون آيا آهن، انهي واقعن جي پيش نظر سعودي حڪومتَ منٰي شهر ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاء قدم وڌايا، پر حاجين جي هڪ وڏي تعداد جي سبب هڪ دفعو ٻيهر 24 سيپٽمبر 2015ء تي ڀڄ ڊڪ جو هي واقعو سامهون آيو جنهن ۾ 763 فردَ جان بحق ۽ 1000 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا جن ۾ ڪن جي حالت نازڪ آهي۔

واقعو[سنواريو]

فائل:Mina-stampede-urdu.jpg
نقشي ۾ اها جڳهه جاٿي ڀڄ ڊڪ ٿر۔

ڀڄ ڊڪ جو هي واقعو منٰي جي جڳهه تي پيش آيو جيڪو مڪي مڪرم کان پنج ڪلوميٽر جي فاصلي تي واقع آهي۔ حاجي منٰي ۾ هڪ رڪن رمي جمرات جي ادائي لاء ويندا آهن،سعودي عرب جي محڪمة شهري دفاع جي ترجمان جي مطابق هي حادثو ان وقت پيش آيو هيو جڏنهن حاجي جمرات تي ڪنڪريون اڇلڻ جي لاء شارع نمبر 204 ۽ 223 جي دوراهي تي موجود هيا۔ان وقت ان پُل تي حاجين جي وڏي تعداد جي هڪ جڳهه تي موجودگي جي وجه سان ڀڄ ڊڪ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي حاجي زمين تي ڪري پيا ۽ چيڀاٽجڻ جي سبب جان بحق ٿي ويا۔[5]

الا اسوفو جيڪو هن حادثي جو عيني شاهد آهي ان جو چوڻ آهي ته:

ماڻهون رمي جي لاء وڃي رهيا هيا ته ان جي سامهون ڪنڪريون هڻي اچڻ وارا حاجي اچي ويا۔ پوء افراتفري جو سمان هيو ۽ اوچتو ماڻهون ڪرڻ لڳا، وڌيڪ هي ته ڪيئي ماڻهون هڪ ٻئي جي مٿان چڙهي محفوظ جڳهه تي پهچڻ لاء ڪوشان هيا، ان وجهه سان به ڪجهه ماڻهون مري ويا۔[6]

رد عمل[سنواريو]

 سعودي عرب: ولي عهد مملڪت محمد بن نايف، حادثي کان پوء حاجين جي حفاظتي اهلڪارن جو هنگامر اجلاس طلب ڪيو، ۽ حادثي جي سببن جي مڪمل تفتيش جي لاء هڪ ڪميٽي جوٽ ڙي ۽ شاه سلمان بن عبد العزيز کي نتيجن کان آگاه ڪيو.[7]

پڻ ڏسندا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]


سانچو:Human stampedes