خان محمد انڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خان محمد انڙ (انگريزي: Khan Muhammad Uner ) هي کڏهر (سڪرنڊ) جي زميندار، ميان امام علي خان انڙ جو پٽ هو. کيس ٻيا ٽي ڀائر هئا؛ وڏيرو شاھ محمد انڙ، وڏيرو شهاب الدين انڙ، ۽ وڏيرو مير محمد انڙ[1]. هن آسپاس جي خاندانن سان سٺا تعلقات قائم ڪيا، راڄن ۾ به سٺي رهائي ۽ اثر هوس. ميان صاحب کنيارن واري جو مريد هو. سيد ميان ٻڍل شاھ، نوابشاھ واري ۽ حاجي ميان پير شاھ سان سٺا تعلقات هئس[1]. گهڻو وقت ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ، نوابشاھ جو ميمبر ۽ تعلقي لوڪل بورڊ سڪرنڊ جو صدر رهيو هو[1]. اليڪشن ۾ ميان ٻڍل شاھ جي حياتيءَ ۾ ان جي پويان هلندو هو. ان کان پوءِ سيد ميان حسن بخش شاھ سان جيئن لاڳاپا قائم ڪيائين، سي گهڻو وقت هلندا آيا[1]. ان جو وڏو فرزند ميان حاجي عمر ڄام هو، جو به راڄ جو چڱو مڙس هو؛ موٽر جي حادثي ۾ وفات ڪيائين. وڏيرو حاجي امام علي خان مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر رھيو[1]. هن تاريخ 18 محرم 1363ھ، مطابق 15 جنوري 1944ع تي، ستر سالن جي عمر ۾ انتقال ڪيو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 [ ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد
    ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو]