ھيڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيڊ هن کي هندستانيءَ ۾ هلدي چوندا آهن. ڏيهي ماڻهو اڪثر هي ٻوڙ ۾ گهڻي ڪم آڻيندا آهن، جو رنگ پيلو ڪندي آهي. انهيءَ رنگ جي ڪري رنگريزن جي ڪم ۾ به گهڻي ايندي آهي. هيءَ به سنڍ وانگي پوکبي آهي. ڳڙيون به اهڙيون ئي اٿس. مئي مهيني ۾ ڳڙيون فوٽ ڏيڍ تي قطارن ۾ هڻي ڇڏيندا آهن. جڏهن سلا اَٺ انچ وڏا ٿين تڏهن گُڏ ڪري ڇڏجين. ٻي وڌيڪ تڪليف ڪا نه گهرجي. سياري ۾ ڪڍڻ جهڙيون ٿينديون. هيڊ کي انگريزيءَ ۾ ٽرمرڪ چون ٿا .[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو