مواد ڏانھن هلو

ھومائي وياراوالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هومائي وياراوالا Homai Vyarawalla
پيدائش9 ڊسمبر 1913(1913-12-09)
نوساري, بمبئي رياست, برطانوي هندستان
وفات15 جنوري 2012(2012-01-15) (عمر 98 سال)
وڊودرا, گجرات, انڊيا
قوميتانڊين
تعليمسر جمسيٽجي جيجيڀوئي اسڪول آف آرٽ
پيشوفوٽو جرنلسٽ
جيون ساٿيمانيڪشا ويارا والا (م. 1969)
ٻار ٻچافاروق[1]

هومائي وياراوالا (انگريزي ٻولي: Homai Vyarawalla) (جنم، ڊسمبر 9 1913 -وفات، 15 جنوري 2012)، جيڪا عام طور پنهنجي فرضي نالو ڊالڊا 13 (انگريزي ٻولي: Dalda 13) سان سُڃاتي ويندي هُئي، پهرئين ڀارتي ناري تصويري صحافڻ (فوٽوگرافي جرنلسٽ) هُئي. [2][3]سال 1930 جي پڇاڙيءَ ۾ هن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سال 1970 جي مُنڍ ۾ رٽائر ٿي وئي. سال 2011 ۾ کيس ڀارتي حڪومت طرفان مُلڪ جو ٻيون وڏو شهري ايوارڊ پدم وڀوشن ڏنو ويو هيو.۔[4][5]

شروعاتي زندگي ۽ تعليم

[سنواريو]

هومائي وياراوالا 9 ڊسمبر 1913 تي [6]نوساري، گجرات، ڀارت ۾ هڪ پارسي خاندان ۾ جنم ورتو. هن پنهنجو ٻاروتڻ ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏ ٿيٽر ڪمپني ۾ گذاريو.[7]ـ ممبئي ۾ رهڻ کانپوءِ وياراوالا سر جمشيد جي جيجي ٻائي اسڪول آف آرٽ ۽ ممبئي يونيورسٽي کان تعليم حاصل ڪئي.[8]

ذاتي زندگي

[سنواريو]

وياراوالا جي شادي مانيڪشاو جمشيدجي وياراوالا سان ٿي هُئي، جيڪو ٽائمس آف انڊيا ۾ فوٽوگرافر ۽ اڪائونٽنٽ هيو.۔[9] سال 1970 ۾ پنهنجي مُڙس جي وفات کان هڪ سال پوءِ وياراوالا پاڻ به فوٽوگرافي کي ڇڏي ڏنو.[10] [11]
وياراوالا پوءِ پنهنجي موڀي پُٽ فاروق سان گڏ پيلاني، راجسٿان وئي، جيڪو برلا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنولوجي ۽ سائنس ۾ پڙهائيندو هيو.[12]وياراوالا، سال 1982 ۾ پنهنجي پُٽ سان گڏ وڊودرا هلي وئي. سال 1989 ۾ هن جي ڌيءَ جو ڪينسر سبب وفات ٿي وئي.[13]

ڪيريئر

[سنواريو]

وياراوالا سال 1930 جي ڏهاڪو ۾ پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ دي السٽريٽڊ ويڪلي آف انڊيا (انگريزي ٻولي: The Illustrated Weekly of India) ٻئي مهاڀاري جنگ دوران ئي سندس پاران چڪيل تصويرون ڇپيون. [14] پنهنجي ڪيريئر جي مُنڍ واري زماني ۾ وياراوالا جي سُڃاڻپ نہ هئي، ۽ سندس پاران ڇڪيل تصويرون سندس مُڙس جي نالي سان ڇپجنديون هيون.[15]
سندس تصويري صحافت کي سال 1942 دوران ڌيان مليو، جڏهن هوءَ برٽش انفارميشن سروسز (انگريزي ٻولي: British Information Services) ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ دهلي ڏانهن وڃي رهڻ لڳي. هن ڀارت جي آزادي جي نامياري سياسي ۽ قومي ليڊرن جهڙوڪ موهن داس گانڌي، جواهر لال نهرو، محمد علي جيڻاح، انڌرا گانڌي ۽ نهرو گانڌي خاندان جون تصويرون ڇڪيون.[15]

ايوارڊ

[سنواريو]
  • نامياري ناري صحافڻ لاءِ چميلي ديوي جين ايوارڊ
  • پدم وڀوشن
هومائي وياراوالا (ساڄي پاسي) سال 1998 ۾ چميلي ديوي جين اعزاز حاصل ڪندڙ، 2011 ۾ صدر ڀارت کان پدم وڀوشن وٺِي رهي آهي.

وفات

[سنواريو]

وياراوالا جي وفات 15 جنوري 2012 تي ٿي هُئي.[16]

حوالا

[سنواريو]
  1. "India's first woman photojournalist, a chronicler of history". دي انڊين ايڪسپريس. 16 January 2012. 9 December 2017 تي حاصل ڪيل.
  2. Pandya, Haresh (29 January 2012). "Homai Vyarawalla, Indian Photojournalist, Dies at 99". نيو يارڪ ٽائمز (آمريڪي انگريزي ۾). ISSN 0362-4331. 16 September 2017 تي حاصل ڪيل.
  3. "Homai Vyarawalla: India's First Female Photojournalist | #IndianWomenInHistory". Feminism in India (آمريڪي انگريزي ۾). 2017-03-24. 2017-09-17 تي حاصل ڪيل.
  4. "An iconic observer – The curious life and times of Homai Vyarawalla". The Telegraph. 23 January 2011.
  5. "Homai gets Padma Vibhushan - Times of India". The Times of India. 2017-12-11 تي حاصل ڪيل.
  6. "The Times of India on Mobile". M.timesofindia.com. 9 December 1913. 16 January 2012 تي حاصل ڪيل.
  7. Pandya, Haresh (2012). "Homai Vyarawalla, Indian Photojournalist, Dies at 98". The New York Times (آمريڪي انگريزي ۾). ISSN 0362-4331. 2017-09-16 تي حاصل ڪيل.
  8. "Homai gets Padma Vibhushan". The Times of India. 25 January 2011. اصل نسخو مان 2011-08-11 تي محفوظ ڪيل. 2020-03-26 تي حاصل ڪيل. {{cite news}}: More than one of |accessdate= and |access-date= specified (مدد); More than one of |archivedate= and |archive-date= specified (مدد); More than one of |archiveurl= and |archive-url= specified (مدد); Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)
  9. Pandya, Haresh (2012). "Homai Vyarawalla, Indian Photojournalist, Dies at 98". The New York Times (آمريڪي انگريزي ۾). ISSN 0362-4331. 2017-09-16 تي حاصل ڪيل.
  10. Cotter, Holland (2012-08-23). "'Candid,' Photos by Homai Vyarawalla, at Rubin Museum". The New York Times (آمريڪي انگريزي ۾). ISSN 0362-4331. 2017-12-09 تي حاصل ڪيل.
  11. Pandya, Haresh (2012). "Homai Vyarawalla, Indian Photojournalist, Dies at 98". The New York Times (آمريڪي انگريزي ۾). ISSN 0362-4331. 2017-12-09 تي حاصل ڪيل.
  12. "Homai Vyarawalla: First lady of the lens". 2017-09-16 تي حاصل ڪيل.
  13. Sabeena., Gadihoke (2010). India in focus : camera chronicles of Homai Vyarawalla. Vyarawalla, Homai.. New Delhi: Mapin Publishing in association with Parzor Foundation. ISBN 978-1935677079. OCLC 868304226.
  14. "Meet India's first lady photographer Homai Vyarawalla". Rediff.com. 3 March 2011.
  15. 1 2 Gadihoke, Sabeena. "Homai Vyarawalla: India's First Female Photojournalist". Time. 2017-09-16 تي حاصل ڪيل.
  16. Vyarawalla, Homai. "India's first woman photojournalist dead". timesofindia.indiatimes.com. 17 January 2012 تي حاصل ڪيل.