ھرٻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ميٿي، جنهن کي هرٻو يا حرٻو به ڪري سڏيندا آهن، سا به عام ڀاڄي آهي، جنهن جا پن ساڳ وانگي ڪم اچن ٿا. پالڪ سان گڏ پوکبي آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ فينو گريڪ چون ٿا.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. بزرالحلبه، تخم شمليت، هه. وغيره___ ميٿي ڪا بيج، جله، اهيون، حلبه ۽ شلبين. اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: گرم مزاجن کي: ميل: گيهه، عيوض: تخم شلغم، وزن: پنج ماسا. سڃاڻپ: حرمري جي داڻن کان ٿلها، ڀوري رنگ جا گول ٻج جا داڻا آهن. خاصيت: غليظ وائي بادي تحليل ڪن ٿا، چيلهه، پٺن جي سور، ٻرهل ۽ جگر جي سوڄ، بواسير جي رت، سيني جي بلغم، سيني جي سور، کنگهه ۽ دمڪشيءَ ۾ مفيد آهن. حيض ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. بدن کي ٿلهو ڪري ٿو. هن جي لپري سورن ۽ سوڄن جي جاين تي ضماد ڪجي ته فائدو ڪندي..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو