ھريش واسواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھريش ھنسراج واسواڻي (انگريزي: [Haresh Hanraj Vaswani]، جنم: 22 نومبر 1940، وفات: 13 اپريل 2013) سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ بھترين ليکڪ، شاعر، تنقيد نگار ۽ تعليمي ماھر ھو. پاڻ پوليٽيڪل سائنس ۽ انگريزي ادب جو پروفيسر ھو. ھن جديد سنڌي شاعريءَ جو بنياد رکيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي برک اديبن مان ھڪ ھو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور 1987ع ۾ کيس ”ساھتيہ اڪيڊمي ايوارڊ“ ڏنو ويو.

اوائلي زندگي ۽ تعليم[سنواريو]

ھريش واسواڻي بلوچستان جي شھر لورالائي ۾ نومبر 1940ع ۾ واسواڻي خاندان جي اڱڻ تي اکيون کوليون[1]. 1947ع ۾ ھندستان ۽ پاڪستان جي الڳ ٿيڻ کان پوءِ ھن جي خاندان کي پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي ھندستان جي واٽ وٺڻي پئي. ھن جي خاندان کي ھندستان ۾ ڪافي ڏکيائن کي منھن ڏيڻو پيو. ھنن کي پناھگيرن جي ڪئمپن ۾ رھڻو پيو. ھو اجھي ۽ لٽي جي تلاش ۾ گجرات (ھندستان) جي مختلف شھرن ۾ ڀٽڪندا رھيا. انھيءَ غيريقينيءَ واري دور ۾ ھريش جي تعليم ڪافي حد تائين متاثر ٿي. آخرڪار ھن جي خاندان گجرات جي شھر بنتوا ۾ پنھنجا پير پڪا ڪيا.

واسواڻي علي ڳڙھ يونيورسٽيءَ مان انگريزي، پوليٽيڪل سائنس ۽ ھنديءَ ۾ ٽي ماسٽر ڊگريون حاصل ڪيون. پڙھائيءَ دوران ھو ٻارن کي ٽيوشن پڙھائي پيٽ گذران ڪندو ھو.

ذاتي زندگي[سنواريو]

پڙھائي پوري ڪرڻ کان پوءِ ھو اديپور ڪڇ جي تولاڻي ڪاليج آف سائنس اينڊ آرٽس ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. اڳتي ھلي ھو پوليٽيڪل سائنس شعبي جو چيئرمين مقرر ٿيو. ھو انگريزي ادب جا ڪلاس پڻ وٺندو ھو[2].

شروعاتي زندگيءَ ۾ ھن جو مذھب طرف لاڙو گھٽ ھو. ھن جي لکڻين ۾ زندگيءَ جي ڏکن ۽ پنھنجي اباڻي وطن جي وڇوڙي جي پيڙا جو پڙلاءُ ملي ٿو. اڳتي ھلي ھن گوتم ٻڌ جي تعليمات کي پڙھڻ شروع ڪيو. رٽائرمينٽ کان پوءِ ڪجهه عرصي تائين ھو ٻڌ مذھب جي پرچار ڪرڻ لڳو.

1966ع ۾ ھن اندرا واسواڻيءَ سان شادي ڪئي. اندرا ھڪ اسڪول ۾ پڙھائيندي ھئي. ھن جا مائٽ بہ ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کان پوءِ سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي مان لڏي آيا ھئا. اندرا پنھنجي گھر واري جيان سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ مھان ليکڪہ ھئي. ھن 2010ع ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس وفات کان ٻہ سال پوءِ کيس ساھتيہ اڪيڊمي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.

ادبي ڪاوشون[سنواريو]

ھريش ادبي سرگرمين جي ابتدا 1962ع ۾ ھڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت سان ڪئي. ھن جي پھرين ڪھاڻي ”مسڪراھٽ“ ھئي جيڪا ”نئين دنيا“ رسالي ۾ ڇپي ھئي. انھيءَ ئي دور ۾ ھن شعر پڻ لکڻ شروع ڪيا. ھو جڏھن اڃا نوجوان شاگرد ھو تہ ھن مشھور ھندي شاعر جئہ شنڪر پرساد جي شاعريءَ تي ھڪ تنقيدي مقالو لکيو ھو جيڪو ادبي دنيا ۾ ڪافي ساراھيو ويو.

ھن جون لکڻيون دل کي ڇھندڙ، معاشري جو چٽو عڪس چِٽيندڙ ۽ اندر جي اڌمن جو بھترين اظھار آھن. ھن جي شاعري روايتي شاعريءَ کان مختلف آھي. ھن سنڌي شاعريءَ ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا، ان ڪري ھن کي جديد شاعريءَ جو باني سڏي سگھجي ٿو.

ھريش واسواڻيءَ جي شاعري ۽ نثر جا ڳچ ڪتاب ڇپيل آھن جن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا[3]:

  • چاليھ ــ ڇاھتر (40 ــ 76): ھريش جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب جيڪو 1976ع ۾ ڇپيو. ھن ڪتاب جي عنوان ۾ 40 جو انگ سندس جنم جي سال 1940ع جي ياد تازي ڪري ٿو. 76 جو انگ 1976ع مان ورتل آھي جيڪو ھن ڪتاب جي ڇپجڻ جو سال آھي.
  • 40 ــ 80: ڪھاڻين جو مجموعو جيڪو 1980ع ۾ شايع ٿيو.
  • 40 ــ 84: تنقيدي مضمونن جو ڳٽڪو
  • آزاديءَ کان پوءِ سنڌي ڪھاڻي
  • ٻيو دفعو
  • ڏينھن
  • موت
  • پرش وشيا
  • وڏو شھر
  • ھڪ جذبي جو موت
  • ڌارا

ھو ڪتاب ”سنڌي تنقيد “ (1985ع) جو ايڊيٽر ۽ ”سنڌي چونڊ ڪھاڻيون“ (1980ع) جو ساٿي ايڊيٽر رھيو. ھو ”شبد ۽ سنسڪرت“ (1982ع) ۽ ”شاعر شيام“ جو پڻ ايڊيٽر رھيو. ھن 1987ع ۾ ھڪ گجراتي ڪتاب ترجمو ڪري ”انسانيت جا ديپ“ نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو.

صحافت[سنواريو]

ھريش واسواڻي ڪيترائي سال گجراتي اخبار ”ڪڇ مترا“ ۾ ھفتيوار ڪالم لکندو رھيو. سندس ڪالم سنسڪار سنڌو ۾ ھو سنڌ ۽ سنڌين جي ثقافت، ادب ۽ سنڌ مان لڏي آيل سنڌين جي معاشرتي مسئلن کي اجاگر ڪندو رھيو. ھو ھندستان ۽ دنيا جي موجودہ حالتن، سياسي سرگرمين ۽ ٻين موضوعن کي پڻ پنھنجن ڪالمن ذريعي پڙھندڙن تائين پھچائيندو رھيو. ھن انساني رشتن، معاشري ۾ ايندڙ تبديلين، شھري زندگيءَ جي مسئلن ۽ اھڙن ٻين موضوئن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي. ھن جي لکڻين ۾ ٻڌ مذھب جو رنگ عيان ھو.

وفات[سنواريو]

عمر جي پڇاڙڪي حصي ۾ ھو تنھائي پسند ٿي ويو ۽ دنيا جي ڌنڌن کان ھن جي دل کٽي ٿي پئي[4]. ھن 13 اپريل 2013ع تي وفات ڪئي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Harish Vaswani: Famous Sindhi Poet: Academy Award: Biography | The Sindhu World". thesindhuworld.com. Retrieved Nov 22, 2019.
  2. Chhugani, Jhamu (2013). DAAT-DHANI-Vol 2. (Portraits of Sindhi writers of Gujarat, 2013). Bhopal: Radhika Publications, Block G-1, Ram Laxman Nivas, sant Hirdaram Nagar, Bairagarh.Bhopal 462030. pp. Chapter on Harish Vaswani Pages 71–75 and Chapter on Indra Vaswani Pages 64–70.
  3. Harish Vaswani, Sindhi Writer from India, Retrieved on Nov 22, 2019
  4. Komal, Laxman (October–December 2013). "Special issue on Harish Vaswani". RACHNA Quarterly Sindhi Magazine: 37