ھار سينگار (وڻ)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Fruit in Bardhaman, West Bengal, India
Saplings of coral jasmine tree, udumalpet, Tamilnadu, India

{{Speciesbox |name = Parijat, night-flowering jasmine |image = Coral Jasmine flower.jpg

هار سينگار (انگريزي ٻولي: Nyctanthes arbor-tristis يا the night-flowering jasmine يا parijatياسمين جماعت جي هڪ وڻ جو نالو آهي. هي وڻ اٽڪل ڏهه فوٽ وڏو آهي. هي تمام گهڻا ۽ اڇا تارن جهڙا گل ڪري ٿو، جن جي وچ ۾ واڱڻائي نشان آهي.

سيپٽمبر مهيني کان وٺي نومبر تائين، ڏهاڙي رات جو گل جهليندو آهي ۽ آسپاس وارن هنڌن کي خوشبوءِ سان ڀري ڦٽو ڪندو آهي. صبح جو سڀ گل پاڻهئي هيٺ ڇڻي پوندا آهن. هن کي سال بسال ڇانگ ڪرڻ کپي، خاص ڪري گلن جي وقت کان پوءِ. برسات جي ڏينهن ۾ هن جو ٻج پوکيندا آهن. سڀ ڪنهن ٽئين ورهيه نوان وڻ رکجن. هن کي انگريزيءَ ۾ نائيٽ بلومنگ ٽري آف ساڊنيس (يعني رات جو گل ڪندڙ غم جو وڻ) چوندا آهن. ڪتابي نالو نڪٽانٿيز اٿس.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو