ڳُوڙهي حڪمت عملي
ڳُوڙهي حڪمت عملي يا گرئنڊ اسٽرئٽجي (Grand Strategy) ڪنهن به تڪرار دوران زبردست ۽ عاليشان رٿابنديءَ ۽ حڪمت عمليءَ سان جوڙيل عمل جوڳو ڍانچو، جنهن ذريعي لاڳاپيل ڌُرين، ادارن ۽ وسيلن جو هڪٻئي سان سلهاڙيل ڳانڍاپو قائم ڪندي گهربل مقصد حاصل ڪري سگهجي. هي اصطلاح عام طرح فوجي رٿا بندي ۾ ڪتب اچي ٿو. پر ”پاليسيءَ جي جوڙجڪ“ ۾ پڻ ان جي وڏي اهميت آهي. ڇاڪاڻ ته ان تصور تحت جوڙيل پاليسيءَ جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ عدم تشدد وارن طريقن سان، ڪنهن به تڪرار کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۾ به مدد ملي ٿي. ٻي عالمي جنگ ۽ سرد جنگ وارن ڏهاڙن ۾ هي اصطلاح اتحادي فوجي حڪمت عملين ۽ سياسي رٿابندين جي حوالي سان گهڻو مشهور ٿيو. [1]