مواد ڏانھن هلو

ڳوٺ ڪريم بخش کوسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڳوٺ ڪريم بخش کوسو : بهادرپور سرڪل ۾ کوسن جي جاماڻي ”سردار خيل“ پاڙي ۾ هيبت خان ٿي گذريو، جنهن جو قبو قادرپور ۾ آهي، ان جي زمين ستر هزار جريب تعلقه ٺل ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ هئي، موجوده وقت ۾ سندس خاندان وٽ ست هزار کن جريب زمين وڃي رهي آهي، ڪريم بخش خان کوسو سندس فرزند، ڳوٺ ٻڌي اچي رهيو، ڪريم بخش ڳوٺ هڪ وسندڙ ۽ بازار ڀريل ڳوٺ ٿيو، هندو تمام گهڻا اچي ڪاروبار ڪرڻ لڳا، ابتدائي دور ۾ ته سندن گهر به اتي هيا، انهيءَ ڳوٺ ۾ هندن پنهنجي مڙهي به ٺهرائي هئي، جيڪا ڏاڍي سهڻي نموني ٺهيل هئي، سندس فرش ٽائليس سان سينگاريل هو ۽ مهاڙي ڪاشي جي سرن سان سنواريل هئي، هندن جو وڏو اوج هو، ڳوٺ جا زميندار نيڪ نمازي ۽ حاجي هيا پڻ پڪا مسلمان به هيا ته انهيءَ هندو زمين کي اسلامي احڪامن موجب پورو پورو تحفظ فراهم ڪيو، ڳوٺ ڪريم بخش جا هندو گهڻو ڪري ڇٽر ڦلجي ۽ ڀاڳ جي طرف کان آيا هئا، بلوچستان جا باشندا هيا، سندن مٽي مائٽي به انهيءَ طرف هئي، ”ٻروچڪي کلي “ مان پاڻي پيئڻ سبب ڏاڍا ڏنگا هوندا هئا، ڪريم بخش ۾ جيڪو مشهورڌاڙو 1934ع ۾ ڌاڙيل رحمان بروهي هنيو اهو به هڪ هندو جي چرچ ۽ ڏس پتي تي لڳو هو، اپر سنڌ ۾ اهوپهريون واقعو ٿيو هو، ان کانپوءِ ٻهراڙيءَ مان واپار کي هندو سوڙهو ڪرڻ لڳا، مان سنه 1938ع ۾ ڪريم بخش ڳوٺ پهريون ڀيرو ويو هوس، ان وقت به هندو دڪاندار گهڻا ڏٺا هيم، فالودو مٽيءَ ۾ وڌل ۽ ٿڌو ٿيل فالودو به مون اتي کاڌو هو، ان ڌاڙي کانپوءِ ڳوٺ جي حفاظت لاءِ باقاعده پوليس ٿاڻو به لڳو هو، پر جڏهن پاڪستان ٿيو ته واڻيا موٽي پنهنجي ماڳن ڏانهن هليا ويا، هاڻي به جيڪب آباد شهر جي هندن جون مائٽيون بلوچستان جي ڇٽر، ڦلجي، ڀاڳ ناڙي جي هندن سان آهن، هتان جو هندو بلوچستان جي ماحول سبب عام هندو کان زياده دلير آهي.

ڪريم بخش ڳوٺ سڙڪ جي ڪناري آهي، قطب دوران سيد العارفين حضرت حافظ الملت حافظ محمد صديق عله رحمت ان وقت پراڻي جنگو کان نئين جنگو انهيءَ سڙڪ سان ايندا ويندا هيا، هڪ دفعي سوير اٺ تي چڙهيون ڪريم بخش وٽان لنگهيا ته ان وقت هڪ واڻيو به ٻهراڙي جي دستور مطابق جهنگ جي خيال سان نڪتو وڃي رهيو هو ته حضرت صاحب تي ديد پئجي ويس ۽ حضرت صاحب جي به ”نظر ڪيميا اثر“ مٿس پئجي چڪي هئي، واڻيو ته حاجت پوري ڪري گڏون ۽ ڏندڻ سان واپس وريو، سالن پڄاڻان واڻيي جا آخري ڏينهن آيا، سڪرات سان ساهه هلڻ لڳس ته هندو ٻانڀڻ کي وٺي آيا ته کيس رام رام چواڻي مهراج آيو، سڏ ڪرڻ لڳس ته ڀائي ڀڳتا رام، رام رام چئو، ڀائي جون اکيون بند هيون، گهڻن سڏن بعد اکيون کولي چوڻ لڳو ته مهراج رام رام ڪيئن چوان هو اٺ وارو بيٺو آهي، جيڪو چوي ٿو ته ڪلمو پڙهه ڀائي مان ته ان ڏينهن ڏسڻ سان ڪلمو پڙهيو هوم، هاڻي به ڪلمو پڙهان پيو، مرڻينگ مهتي ڪلمو پڙهي پساهه پورا ڪيا. نگاهه مرد مومن سي بدل جاتي هين تقديرين.

اها هئي مرد مومن جي نگاهه، جنهن ڪراڙ جي قسمت ئي ڦيرائي ڇڏي، ٺل علائقي ۾ پهريائين ذڪر فڪر جو دستور حضرت حافظ صاحب جن جي ذريعي پيدا ٿيو پوءِ سندن خليفن انهيءَ سلسلي کي گهڻو اڳتي وڌايو، ڪريم بخش ڳوٺ ۾ حضرت صاحب جن جي وصال بعد سندن خليفه اول حضرت مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جي آمد رهي، ان سان گڏ امام انقلاب حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب به ايندو هو، ڪوٽ جنگو ۽ چوڪ جون عاليشان مسجدون ان زماني ۾ حضرت حافظ الملت سيد العارفين عليه رحمت جن جي ارشاد مطابق سندن خليفن ٺهرايون.[1] غالباً 1895ع ۾ اهي مسجدون جڙي راس ٿي چڪيون هيون.1900ع جي شروع ٿيڻ کانپوءِ سياسي تحريڪون شروع ٿيون هيون، اول ”خلافت تحريڪ “ شروع ٿي پوءِ ”هجرت تحريڪ“ شروع ٿي، مولانا عبيدالله سنڌي صاحب غالباً 1913ع ۾ ڪابل روانو ٿي ويو، سندس سفر جي ابتدا ڳوٺ ڪريم بخش کان ٿي، حضرت امروٽي صاحب جي جماعت جا ڪي جوان سندس ساٿي بڻجي کيس بلوچستان کان سرحد ٽپائي وڃڻ ۾ مددگار ٿيا، ڪريم بخش ڳوٺ به ” تحريڪ خلافت “ ۽ ”تحريڪ هجرت “ جو مرڪز هو، ڪريم بخش خان پڙهيل ”ملان طبع “ انسان هو، سندس فرزند محمد اسحاق خان ڀرچونڊي شريف جانقاهه وارو لباس پائيندو هو.

ڪريم بخش ڳوٺ حضرت مولانا امروٽي رحه ۽ امام انقلاب حضرت سنڌي رحه جي قدمن جو مرڪز هو، سندن انقلابي ۽ اسلامي حريت جي جوش سبب صحبتي ماڻهن ۾ مجاهدانه جذبه جاڳي پيا، منهنجو والد بزرگوار ۽ سندس چاچو حاجي عظيم خان ”تحريڪ هجرت “کان متاثر ٿي وطن ڇڏي ڪابل ڏانهن روانا ٿي ويا پر اتي پٺاڻن جي غير همدردانه ۽ ناروا سلوڪ سبب مايوس ٿي موٽي آيا، حقيقت ۾ افغانستان جو فرمانروا اندروني طور انگريزن وٽ وڪا۾ل هو، اڳتي هلي هو حضرت مولانا عبيداله سنڌي لاءِ به ڏاڍو ڏنگو ثابت ٿيو هن جوءِ ۾ حضرت حافظ الملت مالڪ جن رحمت الله عليه ڏاڍو فيض رسايو هو، ڪيترا ماڻهو ذڪر ۽ فڪر جا مالڪ بڻيا، تمام جماعت جي ماڻهن ۾ بعد از مغرب ۽ تهجد وقت ذڪر جي تسبيح پوري ڪرڻ جو ذوق پيدا ٿيو، ڪيترن جي قلب مان ذڪر جو آواز نڪرندو هو، خليفو دلمراد کوسو انهن ان هڪ هن تر جو فقير هو، جنهن چوڪ جي جامع مسجد تيار ڪرائي، ان مسجد شريف لاءِ پاڪ بدن ۽ وضو سان ڪچيون سرون وڌيون ويون، ذڪر الاهي سان کورو پچايائون ۽ ذڪر سان سرون کڻي مسجد شريف جي اوساري ڪيائون، اهڙي طريقي سان اها مسجد شريف جڙي راس ٿي، اڄ به سئو سال گذرڻ بعد نئين نڪور ڏيکاءُ ڏيون بيٺي آهي.

طاب الله ثراه و جعل جنته مثواه

ڪوٽ جنگو جي مسجد وڏيرڪي پئسي سان جڙي ته اڄ تمام خسته حالت ۾ آهي، حاجي محمد هارون صاحب جڏهن جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته هن مسجد سڳوري جي مرمت لاءِ ٻه لک روپيا منظور ڪيا پر ڪنهن ۾ به همت نه ٿي جو اهي پيسا ڪتب آڻي خدا جي گهر جي مرمت ڪرائي، جنگو ڳوٺ مان جنگواڻي کوسا لڏي وڃي پنهنجن زمينن تي ڌار ڳوٺ ٻڌي ويٺا ان ڪري ڳوٺ جي وسند به ختم ٿي وئي، حضرت حافظ الملت رحه جي دور ۾ اهو ڳوٺ تمام وڏو هو، سڀيئي جنگواڻي وڏيرا گڏ ويٺا هيا ۽ حضرت صاحب جن جا به قدم مبارڪ جلدي جلدي گهمندا هئا.

ڪاملن جي قرب ۾ هدايت جي روشني آ. حضرت حافظ الملت رحه جي دورکان اڳ سنڌ ۾ طوائف الملوڪي جو دور هو، ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ ئي انگريزن اچي پير کوڙيا، واپار جي بهاني سان سنڌ سڄي جي سڃاڻپ ڪري ويا، ڪمپني بهادر جي نالي سان واپار جو ڍونگ ڪيائون، شڪارپور ۾ تنهن زماني ۾ ٽن حڪومتن جا نمائندا رهندا هيا، ٽالپرن درانين ۽ خان قلات جا نمائندا رهندا هيا.1834ع ڌاري کوسن جو سردار رحيم خان کوسو، ٽالپري گورنر سيد ڪاظم شاهه سان گڏ کرڙي جي جنگ ۾ شهيد ٿيو، اڳي به ڪلهوڙا دور ۾ ميان غلام شاهه، کوسن جي سردار جعفر خان کي شهيد ڪرايو هو، حاڪمن جي انهيءَ بي رخي سبب کوسا تمام بدظن ٿيا ۽ پاڻ کي غير محفوظ سمجهيائون، انگريزن به هتي اثر پيدا ڪيو.

سو کوسن جي سردار قادر بخش خان انگريزن جو ساٿ ڏنو ۽ ساڻس تعاون ڪيو، کوسا اصل کان سياسي ۽ فوجي ماڻهو هيا، ٻڪرار يا ريڍار قسم جا ماڻهو نه هيا، نه ڪي ”دز د لنگا“ هيا، کيتي تي گذارو ڪندا هيا، انگريزن کين پنهنجي فوج لاءِ موزون سمجهي ڀرتي ڪيو، کوسا اهي سمجهي ويا هيا ته ڪي ٽالپرن جي حڪومت ۾ ڪو دم خم آهي، نڪي ڪابلي پٺاڻن وٽ پختگي آهي نه وري خان قلات جو هتي ڪو مضبوط قبضو آهي، انگريزن جا پير پختا ٿيندا وڃن ٿا، آئنده واري سياسي طاقت انهن انگريزن وٽ اچڻي آهي، سو کوسا سردار ۽ سندس خيل جي ماڻهن انگريزن وٽ فوج ۽ پوليس ۾ ڀرتي ٿي پنهنجي لاءِ تحفظ جو بندوبست ڪيو، 1834کان 1910ع تائين اهو سلسلو رهيو، ان بعد جڏهن حضرت مولانا امروٽي عليه رحمت ۽ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي عليه رحمت ڳوٺ ڪريم بخش اچڻ وڃڻ لڳا ته سندن انقلابي اثر کوسن جي جاماڻي خاندان مان ولياڻي پاڙي تي اڍو ٿيو، اڳتي هلي خان محمد امين خان کوسي جهڙو انقلابي پيدا ٿيو، جنهن مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي جلاوطني ختم ڪرائي انگريزن جون پاڙون پٽڻ لاءِ جوڳو طريقو ڪيو.

حضرت سنڌي 1913ع ۾ ڪابل ويا ۽ غالباً مارچ 1939ع ۾ واپس وطن جا وڻ ڏٺائون ۽ 1944ع ۾ وفات ڪيائون، سنه 1947ع ۾ انگريزن به هندستان مان پنهنجا ٽپڙ ٻڌا، انگريزن مولانا جي حڪمت عملي جي سٽ ڪا نه جهلي، نوي سالن اندر هندستان کي آزادي ڏنائون.مولانا جي مرقد تي انوار الاهي جاري و ساري آهن. پاڪستان ۾ هڪ دفعي جرمن مان ڪو وفد آيو هو ان وفد جي هڪ ميمبر معلوم ڪيو ته مولانا جي قبر کيس ڏيکاري وڃي، هو دين پور شريف پهچي مولانا جي قبر تي پنهنجي ٽوپي لاهي گهڻي گهڻي دير تائين خاموش بيٺو رهيو، بعد ۾ اخباري دنيا تي واضح ڪيائين ته هن مرقد نشين مجاهد جا جرمني ملڪ تي وڏا احسان آهن، سندس ئي پروگرام تي عمل ڪرڻ سان جرمن قوم زنده رهي آهي[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو