ڳوٺ حبيب الله گبول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڳوٺ حبيب الله گبول سال 1982ع ۾ وجود ۾ آيو ان کان اڳ هتي کٻڙ پيرون، گز وغيره هوندا ھئا. ڳوٺ پياري گبول جو رهواسي سڀ کان پهرين رحمت الله گبول جيڪو هادي بخش جو پٽ ھو، هادي بخش وارا ٽي ڀائر هوندا هئا (خيرالدين، هادي بخش ۽ گل محمد) پوءِ حبيب الله، گل محمد وارا هتي لڏي آيا آھستي آھستي سڀ سئوٽ، مالئوٽ يعني نصير جا پٽ به هتي اچي آباد ٿيا. اھي اڳتي هلي نصيراڻي سڏجڻ لڳا ۽ ھادي بخش وارا حمزو جا پٽ ھئا اهي به حمزاڻي سڏجڻ لڳا.

هن ڳوٺ جي ٻن پاسن اڀر ۾ لنڊ واھ ۽ اولھ ۾ چاڪر واھ نڪرن ٿا. هن ڳوٺ کي اسڪول نور محمد خان لنڊ 1993ع ۾ وٺرائي ڏنو هو ۽ ساڳي سال رحيم بخش خان بوزدار بجلي ڏني. هي ڳوٺ 5 ايڪڙ ايراضي تي مشتمل آھي هن ڳوٺ جي ڀرسان هڪ تاريخي ماڳ 6 ايڪڙ تي مشتمل خيرو شھيد جو قبرستان پڻ آھي جيڪو چيو وڃي ٿو تہ مغلن يا ميرن جي دور جو سپھ سالار هو ان جو مقبرو آھي. تقريبن 30 فٽ اوچو (جيڪو ٽن طبقن ۾ ورهايل پهرين 15 فٽ 9×9 ۽ 5فٽ 7×7 جنهن جي چار ئي پاسن ۾ 8 انچ ويڪرا 1.5فٽ ڊگها روشنداني اڏيل آھن آخري 10فٽ سرڪل ۾ اڏيل آھن سرڪل ذريعي ڇت ٺاھي وئي، جنهن ۾ نه ڇت سرون ۽ نه ئي ٽيئر گاڊر طور ڪجھ ڪم آندل آھي اهو ڪجھ اسپيشل ان زماني جي مٽي سان ٺھيل آھي ايئن به لڳي ٿو ته ان ۾ چونو يا ان جهڙو ڪجھ ٻيو مواد استعمال ٿيل آھي اهو ايترو ته مضبوطي سان آھن جو سرون ته ڀري ويون پر جيڪا مٽي ٻن سرن جي وچ ۾ آھي اها ساڳي ئي نموني مضبوط آھي) آھي. ڳوٺ ۾ بجلي اچڻ سان ڳوٺ جي ماڻھن ان مقبري تي بجلي آندي جيڪا ڳجھ عرصو هلي پو ختم ڪئي وئي ٻيهر ڪنهن به نه لڳرائي ان قبرستان ۾ لنڊ بوزدار جي تڪ بندي تي جهيڙو ٿيو هو جنهن ۾ سوين سپاهي شھيد ٿيا هڪ لنڊ ليکڪ جو خيال آھي ته هي لنڊ قوم جو سپھ سالار هو انهن اهو مقبرو جوڙايو ۽ بوزدارن جي شھيدن جا مقبرا غلام شاھ واري قبرستان ۾ آھن اهي مقبرا به انهي وانگي ساڳي ڊزائين ۽ ساڳين سرين سان ٺھيل آھن. ان کان علاوه نلڪي جي ويجهي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي ۾ به اهڙي ڊزائين جا مقبرا اڏيل آهن. ۽ جي ان صاحب ليکڪ جي راين کي قبول ڪجي ته ممڪن نه ٿيندو ساڳي سرين ساڳي ڊزائين سان ٻن الڳ ڌرين جون قبرستان ٺھڻ ممڪن ناهي. ايئن ٿي سگهي ٿو جو انهن ڌرين کان علاوه جي ڪنهن ٻي دور جي بادشاه انهن جي بهادري جرئت جو قصو ٻڌي انهن جو مقبرو ٺھرايو هجي پر اهو اصلي سچ ناهي ڇو ته هي مقبرا تمام پراڻا ۽ تاريخدان عبدالمجيد نائچ جي مطابق مغلن جي دور جي عڪاسي ڪن ٿا.

ڳوٺ کان اڳ هي قبرستان ويران ۽ سنسان هو هن ڳوٺ جي آباد ٿيڻ سان ئي هتي رونقون ته وڌيون پر قبرستان سان زيادتون به ڪيون ويون جيئن هن ڳوٺ جو اسڪول قبرستان جي حد ۾ اڏڻ قبرستان جون ڪاٺيون ڪپي ٻارڻ لاء استعمال ڪرڻ قبرستان جي حد مان رستو ٺاھڻ ۽ زمين قبضي ۾ آڻڻ ڪرڪيٽ گرائونڊ ٺاهڻ ٻيو ته ٻيو گهر جي اڱڻ جي ڀرائي لاء مٽي به قبرستان مان کڻڻ.

ان تاريخي ماڳ جي تحقيق لاء تازو عبدالمجيد نائچ صاحب به آيو هو ۽ ان تحقيق کي ممڪن کان ممڪن ۽ بهتر معلومات سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي.