مواد ڏانھن هلو

انٽرنيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڳنڍ ڄار کان چوريل)

انٽرنيٽ (ﺍﻧﮕﺮﯾﺰي: Internet) يا ڳنڍڄار، پاڻ ۾گڏيل ڪمپيوٽرن جي هڪ ﻋﺎلمي ڄار (Computer Network) آهي جيڪو ﻋﻮﺍمي ﯾﺎ گڏيل ﺳﻄﺢ تي هر ڪنهن جي لاءِ قابل پھچ آهي. ڪمپيوٽرن جو هي ڄار ﺩﺳﺘﻮﺭ (internet protocol) جو ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ڪندي Packet Switching جي ذﺭيعي سان ﻣﻮﺍﺩ (data) کي ﻣﻨﺘﻘﻞ ڪندو آهي. انٽرنيٽ يا ڳنڍڄار ﺍﺻﻞ ۾ پاڻ اڻکٽ ننڍن ڄارڪارن جو مجموعو آهي، جيڪي ﻋﻼﻗﺎئي ﺳﻄﺢ تي هوندا آهن ۽ اهڙي طرح هي ملي ڪري ﻣﺨﺘﻠﻒ ڄاڻ ۽ ﺧﺪمتون ڏيندا آهن، جيئن ايميل (ﺑﺮقي ﺧﻂ)، ڳالھ ٻولھ (online chatting)، ﻓﺎئلن جي ڏي وٺ وغيره وغيره.

1957ع ۾ آمريڪا ۾ هڪ ادارو Advance Research Project Agency (ARPA)   جو بنيا رکيو ويو  ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۾ تمام تيزي سان تجربا ٿيڻ شروع ٿيا، ان سان گڏو گڏ ٻيون ڪيتريون ئي ڪمپنيون وجود ۾ آيون جن مختلف ٽيڪنالاجيز کي وجود ۾ آندو ۽ 1965ع  ۾ Hypertext  لفظ سامهون آيو. 1968ع  ۾ Intel ڪمپني وجود ۾ آئي جنهن نيٽورڪ بابت رسرچ ڪرڻ جي لاءِ راهون هموار ڪيون. 1969ع ۾ پهريون ڀيرو چار عدد ڪمپيوٽر پاڻ ۾ ڪنيڪٽ ڪيا ويا ۽ 1971ع ۾ 23 ڪمپيوٽر ۽ 1974ع ۾ 1024 ڪمپيوٽرس جي ڪنيڪٽ ٿيڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو. 1986ع ۾ NSFNET  ڪمپنيءَ جو وجود پيو جنهن نيٽورڪ تي تيز رفتار جي ڪنيڪشن متعارف ڪرائي. 1988ع ۾ 5600 ڪميوٽرس ڪنيڪٽ ڪيا ويا.

1992ع ۾ Tim Berners Lee ويب پيج متعارف ڪرايو ۽ 1995ع ۾ مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو قدم رکندي Internet Explorer  متعارف ڪريو جنهن کان پوءِ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏين وڏين ڪمپينين منجهه مقابلو ۽ جنگ شروع ٿئي وئي، آپريٽنگ سسٽم محيا ڪندڙ ڪمپنين جهڙوڪ مائڪرو سافٽ، ايپل، لينڪس وارن انٽرنيٽ پروٽوڪول جو سافٽويئر مفت ۾ محيا ڪيو.  انٽرنيٽ پروٽوڪول جو پروگرام 1970ع ۾ Defense Advanced Research Projects Agency (DARPA) ايجاد ڪيو ۽ World Wide Web  ان تي ئي بيهڪ رکي ٿي.

انٽرنيٽ پتو IP Addresses  جو ئي جهرمٽ آهي جنهن سان ڪمپيوٽر ۽ ٻيا ڊوائيسز هڪ ٻئي کي پوري دنيا منجهه سڃاڻيندا آهن ۽ انهن IP Addresses  سان ئي گلوبل نيٽورڪ ٺهيل آهن. ٻڌائيندو هلان ته جڏهن ٻه مختلف نيٽورڪ پاڻ ۾ ملندا آهن ته ان کي گلوبل نيٽورڪ چئجي ٿو. توهان گلوبل وليج بابت ٻڌو ته هوندو، اها IP Address  ئي آهي جنهن سبب دنيا گوبل وليج ٿي وئي آهي. 192.168.1.1يا ان ريت لکيل انگ توهان اڪثر  ڏٺا هوندا، ان کي IP Address چئجي ٿو  جيڪا نيٽورڪ جو بنيادي جزو آهي.  IP Address جي حد 0.0.0.0 کان 255.255.255.255 تائين ٿئي ٿي ۽ اهائي نيٽورڪ جي سڃاڻپ آهي.

عالمي سطح تي جڏهن مختلف نيٽورڪس مختلف ISP جي ذريعيGateway  وٽ پاڻ ۾ ملن ٿا ته ان کي انٽرنيٽ چئجي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو انٽرنيٽ جو ڪو به مالڪ نه آهي ۽ نه ئي وري ڪنهنجي ملڪيت آهي، ان کي ائين چئجي ته هڪ هائي وي روڊ ٺهيل آهي پوءِ ان تي اسانجو به لنڪ روڊ ٺهيل آهي ۽ اسان به دنيا سان ڳنڍيا پيا آهيون ۽ اهو روڊ هڪ ڄار جيان پوري دنيا ۾ پکيڙيل آهي.

12مارچ 1989 ۾ برطانوي سائنسدان ٽِم برنلي ويب سائيٽ زريعي دنيا جي ڳانڍاپي جو خيال پيش ڪيو. دنيا جي ماڻهن کي پاڻ ۾ جوڙيندڙ ڳنڍ ڄار (انٽرنيٽ) کي اڄ 25 سال گذري چڪا آهن. 23 آگسٽ 1991 ۾ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي پهريون ڀيرو دنيا جي ماڻهن ويب سائيٽ ڳولڻ جي شروعات ڪئي. جيڪا ورلڊ وائيڊ ويب (WWW) جي صورت ۾ برطانيه جي هڪ سائنسدان ٽِم برنلي جي ڪوششن جي نتيجي سان تيار ڪئي وئي. جنهن کي اڄ جي جديد دور ۾ انٽرنيٽ جو نالو ڏنو ويو. ان کان اڳ ۾ انٽرنيٽ (ڳنڍ ڄار) پهريون ڀيرو 1969 ۾ رابطن لاءِ ۽ نيٽورڪنگ لاءِ جوڙي وئي هئي. برطانيه سان لاڳاپيل سائنسدان ڊونلڊ ڊيوس مواصلاتي رابطي آرپنيٽ کي 1960ع ۾ ڊيزائين ڪيو هو، ان ڪري انٽرنيٽ جو پهريون نالو آرپنيٽ رکيو ويو، جنهن کي شروعات ۾ آمريڪي بچاءُ کاتي جي رابطن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. جنهن کي وسيع ڪرڻ لاءِ آمريڪي يونيورسٽين ۽ ريسرچ سينٽرن ۾ ان تي ڪم ڪيو ويو. يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۽ اسٽين فورڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ پاران انهي نيٽ ورڪ کي جديد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سن 1973ع ۾ انٽر پروٽوڪول ڪميونيڪيشن سسٽم کي وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور ڪرڻ جو ڪم ٿيو، جنهن کانپوءِ انهي مواصلاتي رابطي سان مواصلاتي انقلاب اچي ويو، برطانوي سائنسدان ٽِم برنلي 6 سالن کانپوءِ انهي رابطي کي استعمال ڪندي 1990ع ۾ انٽر لنڪ هائپر ٽيڪسٽ ڊاڪيومينٽس ايجاد ڪيو.[1]

حوالا

[سنواريو]