ڳاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڳاھ کان چوريل)
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڳاهه __( Gaah):

سنڌ ۾ ڳاهون قديم زماني کان ڀٽ، ڀان ۽ چارڻ ڳائي وڄائي پيش ڪندا هئا. سومرن ۽ سمن جي دَور ۾ شاعريءَ جي هي صنف عروج تي پهتل هئي.”ڳاهه“ هڪ قسم جو واقعاتي يا بياني بيت آهي. ڀانئجي ٿو ته هن لفظ جو بنياد ”ڳائڻ“ آهي ۽ ڳائڻ مان ئي ”ڳاءِ“ بڻيو آهي ۽ ان مان ”ڳاهه“ ٿيو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان ”ڳاهه“ منظوم مصرعون آهن، جن مان اڪثر ڏوهيڙي جي شڪل ۾ آهن، البته ڪن ڳاهن ۾ ٻن مصرعن کان پوءِ وراڻيءَ طور هڪ ننڍي تڪ به پويان بيهاريل آهي. مضمون جي لحاظ کان ان ۾قصي جي خاص موقعن جو ذڪر هوندو آهي. ان ڏس ۾ ڏمڻ سوناري جي قصي مان هڪ ڳاهه نموني طور هيٺ ڏجي ٿي: اڪ نه ڪجي ڏندڙو، سپ نه کائجي ماهه، ات نه لائجي نينهڙو، جت ٿئي جيءَ وڻاهه، تن سونارن سان الا، مون من موهيو وي! .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>.

حوالا[سنواريو]