گھوسٽ TR01 پسٽل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Ghost TR01
فائل:Akdal Ghost.png
نوعیت سيمي آٽوميٽڪ پسٽل
شروعات ترڪي
پيداوار جي تاريخ
نمونو ٺاھيندڙ يو سي يلدز آرمس لميٽيڊ انڪارپوريشن
ٺھيو 1990
تيار ڪندڙ اڪدال آرمس
ڪارخاني ۾ تيار ٿيو 1990–جاري آھي
تخصيص
وزن 750 g (26 oz)
ڊيگھ 190 mm (7.5 in)
نالي جي ڊيگھ 113 mm (4.4 in)
ويڪر 30 mm (1.2 in)
اوچائي 135 mm (5.3 in)

ڪارتوس 19 ايم ايم پئرابيلم 9x
فائر ٿيڻ جو عمل پوئتي ھلڪو جھٽڪو ڏيندڙ سسٽم
فائر جي رفتار 360 m/s (1٬181 ft/s)
مار جو مؤثر فاصلو 60 m
فيڊ سسٽم 15 گولين وارو الڳ ٿيندڙ ميگزين
تنصيبون Fixed, front blade and rear notch
160 mm (6.3 in) sight radius

گھوسٽ TR01 پسٽل(انگريزي: Ghost TR01) ھڪ ننڍو سيمي آٽوميٽڪ پسٽل آھي جنھن جي ڊزائين اڪدال آرمس، ترڪي نالي ڪمپني ٺاھي آھي. ھي پسٽل فوجي استعمال لاء نہ بلڪہ پوليس جي لاء ۽ ذاتي حفاظت لاء تيار ڪيو ويو.[1] ھي پسٽل لڳ ڀڳ ٪گلاڪ 17 پسٽل جھڙو آھي.

ڊزائين بابت تفصيل[سنواريو]

ھن پسٽل جو ڊزائين تمام وڏي ڪارڪردگي جي خصوصيت ۽ آسان پڪڙ ۽ متوازي وزن سان تيار ڪيل آھي. ھي پسٽل نري جي اندرئين پاسي کان ڀربو آھي ۽ ان جو فائر ڪرڻ وارو سسٽم گلاڪ 17 پسٽل وانگر پوئتي جھٽڪو ڏيڻ وارو آهي .[2] ھن پسٽل ۾ پاڻمرادو ڇٽي پوڻ يا گولي ھلائڻ وقت فائر نہ ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ حفاظتي سسٽم رکيو ويو آهي جنھن م ٽرگر واري سيفٽي، فائرنگ پن سيفٽي، ڊيڪاڪنڪ انڊيڪيٽر ۽ چيمبر انڊيڪيٽر شامل آهن.ھن جي مئگزين م گولين جون ٻہ قطارون ھونديون آھن. نشاني واري پٽي ڳنڊيل ھوندي اٿس پر ان جاء تي پيڪاٽائني لوھي پٽي پڻ لڳي سگھيس ٿي. ھن پسٽل جو ڳن پوليمر جو ٺھيل ھوندو آھي جنھن ڪري وزن ۾ تمام ھلڪو ٿئي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. http://world.guns.ru/handguns/hg/tr/akdal-ghost-e.html
  2. "AKDAL Arms". Akdalarms.com. حاصل ڪيل 2009-07-02.