گھريلو تڏ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گھريلو تڏ: House Cricket:

گھريلو تڏ
House cricket
گھريلو تڏ جي تصوير
سائنسي درجا بندي

گھريلو تڏ: ھائوس ڪرڪيٽ:اشيٽا ڊوميسٽيڪس:Acheta domesticus: گھرن ۾ ملندڙ ھڪ عام تڏ آھي جنھن جو اصل وطن اولھ ايشيا ۽ ڏکڻ ايشيا ھيو پر 1950 کان 2000 تائين اھا پالتو جانورن جي بھترين غذا ٿي وڃڻ جي ڪري پوري دنيا ۾ ڦھلجي وئي[1][2] ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ چين ۽ جپان جا ماڻهو ھن تڏ کي ان جي سريلي آواز جي ڪري گھرن ۾ پاليندا ھئا.[3] آھي تڏيون ڀوري ناسي رنگ جون ھونديون آھن ۽ 16 کان 21 ملي ميٽر تائين وڌنديون آهن. نر ۽ مادي تقريبن ھڪجھڙيون ھونديون آھن پر مادين کي پيٽ جي آخري ڇيڙي ۾ آنن لاھڻ وارو ڊگھو پڇ ھوندو آھي جنھن کي آويپوزيٽر(ovipositor) چوندا آهن جنھن جي ڊيگھ 12 ملي ميٽر يا 0.47 انچن تائين ٿيندي آھي. جيڪو ڪاري ناسي رنگ جو هوندو آهي. نرم کي وري پٺيان ٻہ ميخون (cerci) ھونديون آھن [4] گھريلو تڏ جي زندگي ٻہ کان ٽي مهينا ٿيندي آھي جيڪا 26 کا 32 سينٽي گريڊ گرمي ۾ موافق آھي.اھا سياري ۾ بہ گرم جڳھن تي زندہ رھي سگھي ٿي.

تڏ جو وائرس[سنواريو]

آمريڪا ۽ يورپ ۾ پالتو جانورن جي کاڌي تيار ڪرڻ لاءِ تڏ جي پالڻ جي صنعت جو خاتمو ٿي ويو آهي جنھن جو سبب تڏ جي فالج وارو وائرس (cricket paralysis virus) آھي ،جيڪو يورپ ۾ 2000 ۾ ۽ آمريڪا ۾ 2010 ۾ ڦھليو ان وائرس تيزي سان ڦھلجي گھريلو تڏين کي ناس ڪري ڇڏيو جنھن ڪري ان تڏ جي جاء جيميڪا جي زميني تڏ(Jamaican field cricket) ولاري وئي جنھن ۾ ان وائرس سان مزاحمت ڪرڻ جي صلاحيت آهي [5]

گھريلو تڏ بطور انساني خوراڪ[سنواريو]

ٿائيلينڊ جي مارڪيٽ ۾ اونھي تيل ۾ تريل گھريلو تڏيون ماڻھن جي کائڻ لاءِ وڪرو ڪيون وينديون آهن

گھريلو تڏين جي پالنا انساني خوراڪ لاء بہ ڪئي وڃي ٿي [6] ان جو ڀڳل ٻوڙ غذائيت سان ڀرپور ھوندو آھي پر ٿائيلينڊ ۾ ان جو وڪرو اونھي تيل ۾ تري ڪيو ويندو آهي [7][8] انھن کي پيھي انھن جو اٽو بہ ٺاھيو ويندو آهي[9] ٻين جيتن وانگر ھن تڏ ۾ بہ مڪمل پروٽين ھوندي آھي.ان ۾ اوميگا 3 چرٻي وارو تيزاب ۽ اوميگا 6 چرٻي وارو تيزاب ھوندا آھن [10]سانچو:Medcn

غذائي ڄاڻ[11][12][13]سانچو:Medcn

Serving size: 1 1/2 cup (30g)

Quantity per Serving
ڪيلريون 150 گرام
ٽوٽل چرٻي 6 گرام
سيچريٽيڊ چرٻي 2.3 گرام
ٽرانس چرٻي 0.05 گرام
ڪولسٽرال 50 ملي گرام
سوڊيم 100 ملي گرام
ٽوٽل ڪاربوھائڊريٽس 6 گرام
غذائي فائبر 6 گرام
پروٽين 18 گرام
وٽامن ڊي 0.22 ملي گرام
ڪئلشيم 38.5 ملي گرام
لوھ 1.6 ملي گرام
پوٽيشيم 273 ملي گرام

حوالا[سنواريو]

  1. Walker TJ. "House cricket, Achetus domesticus". Featured Creatures. University of Florida/IFAS. 
  2. Galloway, Vickie (January 1998). "Raising Crickets". Scarabogram (Scarabs: The Bug Society) (213): 2–3. http://crawford.tardigrade.net/bugs/cricketsuppl.html. 
  3. Kulzer, Louise (March 1998). "House Crickets". Scarabogram (Scarabs: The Bug Society) (215): 2–4. http://crawford.tardigrade.net/bugs/BugofMonth31.html. 
  4. "Breeding Crickets". Herp Center. حاصل ڪيل 2010-07-08. 
  5. Rosemary Parker. "Following Cricket Paralysis Virus catastrophe, Top Hat Cricket Farm in Portage rebuilds it business". Michigan Live. 
  6. Here's Why You Should Start Eating (More) Bugs https://www.huffingtonpost.com/2014/02/10/eating-bugs-food_n_4726371.html?slideshow=true#gallery/310345/0 آرڪائيو ڪيا ويا 10 February 2018 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  7. http://www.fao.org/docrep/017/i3246e/i3246e.pdf
  8. https://www.cnet.com/news/edible-insects-crickets-mealworms-farm-protein/
  9. http://fortune.com/2014/07/18/bugs-in-your-protein-bar-are-edible-insects-the-next-food-craze/
  10. https://www.huffingtonpost.com/marlon-doll/five-reasons-to-eat-crick_b_13939920.html
  11. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2018-08-10 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-08-20 
  12. https://criknutrition.com/pages/why-cricket-protein-powder
  13. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2018-08-26 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-08-20 

ذمرو:جيت