گڏيل کاتو
ڏيک
بينڪ ۾ هڪ کان وڌيڪ نالن سان کاتو کولائڻ کي گڏيل کاتو يا جوائنٽ اڪائونٽ (Joint account) چئبو آهي. اهڙي نموني جو کاتو گهڻو ڪري زال مڙس کولائيندا آهن. ڪن حالتن ۾ ڀائيوار به. اهڙي نموني جي کاتي ۾ ٻه شرط رکيل هوندا.
- 1. ته ٻنهي جي صحيحن کان سواءِ چيڪ ڪيش نه ٿي سگهندو.
- 2. ته ڪنهن به هڪ جي صحيح سان چيڪ ڪيش ٿي سگهي ٿو.