گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقيءَ بابت ڪانفرنس
ڏيک
سوئيٽزرلينڊ جي شھر جينيوا ۾ پئليس آف نيشنز ۾ واقع گڏيل قومن جو ھن اداري جو صدر مقام | |
| مخفف | UNCTAD |
|---|---|
| تشڪيل | 1964 |
| صدر مقام | جينيوا, سوئيٽزرلينڊ |
| جڳھ | |
| جڳھون | |
سنڀاليندڙ تنظيم | گڏيل قومن جو ادارو |
| ويب سائيٽ | unctad |
گڏيل قومن جي واپار ۽ ترقي بابت ڪانفرنس(انگريزي: United Nations Conference on Trade and Development) جنھن کي مختصرن (UNCTAD) چوندا آھن. تاريخ 30 ڊسمبر 1964ع ۾ قائم ٿيل گڏيل قومن هيٺ بين السرڪاري اداري جو مقصد اسرندڙ ملڪن جي اقتصادي ترقي ۽ انهن کي اُسريل ملڪن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ بين الاقوامي واپار کي هٿي وٺرائڻ آهي. ان کانسواءِ پيداواري جنسن جون مُناسب ۽ مستحڪم قيمتون مقرر ڪرائڻ به سندس مُکيه ڪمن مان آهي. هي ادارو جهاز راني، صنعت، جنسن واري واپار لاءِ امداد فراهم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي مُهيا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. گڏيل قومن جي تنظيمي ڍانچي اندر هيءَ ادارو UNDP سان گڏجي ڪم ڪري ٿو. سندس هيڊ ڪوارٽر سئٽزرلئنڊ/سئزرلئنڊ جي شهر جنيوا ۾ آهي. [1]