گڊ فرائيڊي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گڊ فرائيڊي

عيسي مسيح، صليب تي
قسم عيسائي مذھب وارن جو ڏينهن
اهميت عيسي مسيح جي صليب تي چڙھڻ واري تڪليف کي ياد ڪيو ويندو آهي
تقريبون روايتي طور تي نہ ملھائبو آهي بلڪہ جيڪو بہ چاھي ملھائي سگھي ٿو.
رسمون عبادت ڪرڻ ، روزو رکڻ ، خيرات ڪرڻ
تاريخ ايسٽر کان بلڪل اڳ وارو آخري جمعو
دورانيو سال ۾ ھڪ ڏينھن
تقرر ساليانو

گڊ فرائيڊي يا مقدس جمعو عيسائي مذهب وارن جو عقيدو آهي تہ عيسي مسيح کي جمعي ڏينهن صليب تي چاڙھيو ويو هو، تنھنڪري اھي ان ڏينھن کي ايسٽر وارو جمعو سڏي عيسي مسيح جي موت کي ياد ڪندا آھن.گرجا گھرن ۾ وڃي عبادت ڪندا آهن ء ان ڏينھن جو غم ڪندا آهن.[1] اھو ڏينهن انجيل طرفان مخصوص ناھي ڪيل.انھن جي عقيدي مطابق جيڪو عيسائي چاھي تہ گرجا ۾ وڃي شڪر گذاري جي دعا ڪري پنھنجي ان مذھبي خدا(عيسي مسيح) جي موت ۽ صليب تي جان ڏيڻ واري منظر کي ياد ڪري، ۽ اتي ڳائيندي خدا جي ثنا ڪري پنھنجي خدا جي صليبي موت جو پيغام ڏئي ان مقدس جمعي کي ان طرح ملھائي سگھي ٿو.[2] پوري دنيا ۾ عيسائي اپريل جي مهيني ۾ ايسٽر کان اڳ جمعي کي گڊ فرائيڊي چئي ملھائيندا آھن ان ڏينھن عيسي مسيح کي بيت المقدس ۾ صليب تي چاڙھيو ويو هو. ان ڏينھن ھڪ روايتي جلوس بيت المقدس۾ ڪڍيو ويندو آهي جنھن ۾ ھزارين عيسائي شرڪت ڪندا آهن. ان جلوس ۾ ماڻھو ڪاٺي جا صليب کڻي انھن گھٽين مان گذرندا آھن جتان عيسي مسيح کي گذاريو ويو هو. ان رستي کي ويا ڊولو روسا يا ڏکن جو رستو چوندا آهن. جلوس چرچ آف د ھولي سيپلڪر تي گڏ ٿيندو آهي جنھن جاء تي عيسي مسيح کي صليب تي چاڙھيو ويو هو.

عيسي مسيح جي صليب تي چڙھڻ جو منظر ڏيکاريندڙ تصوير جيڪا سورھين صدي عيسويءَ ۾ ٿيوفينز ڪريٽن ٺاھي

عيسائين جو عقيدو آهي تہ صليب تي چڙھڻ کان پوءِ عيسي مسيح ٻيھر آچر ڏينهن زندہ ٿيو ھو تنھنڪري اھي ان ڏينھن ايسٽر سنڊي يا گڊ سنڊي ملھائيندا آھن.[3]

حوالا[سنواريو]