گينيميڊ
Image of Ganymede's anti-Jovian hemisphere taken by the Galileo orbiter (contrast is enhanced). Lighter surfaces, such as in recent impacts, grooved terrain and the whitish north polar cap at upper right, are enriched in water ice. | |
دريافت | |
---|---|
دريافت ڪيو | Galileo Galilei |
دريافت ٿيڻ جي تاريخ | January 7, 1610[1][2] |
نالي جي وضاحت | |
اضافي يا عارضي نالو | Jupiter III |
نالي جون صفتون | Ganymedian, Ganymedean |
مدار جون وصفون | |
پيري ايپسس | 1,069,200 km[lower-alpha 1] |
ايپسس | 1,071,600 km[lower-alpha 2] |
اڌ وڏو محور | 1,070,400 km[3] |
مدار جي بي قائدگي | 0.0013[3] |
7.15455296 d[3] | |
مدار جي سراسري رفتار | 10.880 km/s |
مدار ۾ لاٿ | 2.214° (to the ecliptic) 0.20° (to Jupiter's equator)[3] |
قدرتي سيٽلائيٽ | Jupiter |
طبعي وصفون | |
نيم قطر جي سراسري | 2,634.1±0.3 km (0.413 Earths)[4] |
سطح جي ائوري (Surface aurie) |
8.72×107 km2 (0.171 Earths)[lower-alpha 3] |
مقدار | 7.66×1010 km3 (0.0704 Earths)[lower-alpha 4] |
وزن | 1.4819×1023 kg (0.025 Earths)[4] |
گھاٽائي | 1.936 g/cm3[4] |
سطحي ڪشش ثقل | 1.428 m/s2 (0.146 g)[lower-alpha 5] |
0.3105±0.0028[4] (estimate) | |
2.741 km/s[lower-alpha 6] | |
synchronous | |
|
گينيميڊ GAYNEMEDE
قديم تاريخ کان اسان اھيو خيال ڪندا آيا آھيون ته ھر شيء زمين جي چوڌاري چڪر ڪاٽيندي آھي. سج چنڊ ۽ ڪروڙين تارا اسان جي زمين کي ڦرندا آھن ۽ زمين انھن جو مرڪز آھي. اسان کي رڳو پنج گرھن جي خبر ھئي جن کي اگھاڙي اک سان ڏسي سگھندا ھئا سين. جن ۾ مرڪري Mercury، زھرہ Venus، مريخ Mars، مشتري Jupiter ۽ زحل Saturn شامل ھئا.
پھرين ڀيري گليليو گليلي 1610ء ۾ ٽيلي اسڪوپ جي مدد سان تارن ۽ گرھن کي ڏسن شروع ڪيو. 7 جنوري 1610ء تي ھن مشتري Jupiter جي چار چنڊن ڪولسٽو Callisto , آيو IO, يوروپا Europa ۽ گينيميڊ Gaynemede جي کوجنا ڪئي ۽ پراڻن خيالاتن جو رد ڪيائين ته زمين ڪائنات جو مرڪز آھي. ڇو ته پھرين ڀيري انسان ڪنھن جسم کي گرھ جي چوگرد ڦرندي ڏٺو.
گليليو گليلي جي کوجنا ڪري انھن چنڊن کي گليلين چنڊ Gallilean Moon جي نالي سڃاڻو ٿا. انھن چنڊن ۾ ھڪ گينيميڊ GAYNEMEDE پڻ آھي.
گينيميڊ GAYNEMEDE مشتري جو وڏي ۾ وڏو چنڊ آھي ۽ اسان جي سولر سسٽم جو پڻ وڏي ۾ وڏو چنڊ آھي. ھي جوپيٽر کان ستون نمبر ۽ ٽيون گليلين چنڊ آھي. گينيميڊ اسان جي سولر سسٽم جو نائين نمبر تي وڏو جسم آھي. ھن جي ڊائيا ميٽر لڳ ڀڳ 5،268 ڪلو ميٽر آھي. ھي 1.08 سيڪڙو مرڪري گرھ کان وڏو آھي. اسان جي چنڊ لونر کان 0.41 سيڪڙو ۽ زحل جي چنڊ Titan کان 2 سيڪڙو وڏو آھي.
گينيميڊ جو ماس 10 سيڪڙو Titan کان، 38 سيڪڙو Collisto کان، ۽ 66 سيڪڙو IO کان وڌيڪ آھي. گينيميڊ پنھنجي گرھ مشتري کي 1،070،400 ڪلو ميٽر جي مفاصلي کان چڪر ھڻي ٿو. ھي مشتري سان مڪمل طور ڳنڍيل آھي. زمين وانگي ھن تي به زلزلا يعني Tectonic Activity ٿيندي رھندي آھي جيڪو مشتري جي مضبوط گريوٽي جي ڪري ٿئي ٿي.
گينيميڊ جو ڪو به وايو منڊل نه آھي. ھن جي مٿاڇري جي گرمي پڌ ڪاٽو 183 آھي. ھن جو 90 سيڪڙو مٿاڇرو پاڻياٺي برف سان ڍڪيل آھي. اھيو ظاھر ٿو ڪري ته ھن جي مٿاڇري واري برف جي ھيٺان پاڻياٺ ۾ پاڻي پڻ موجود ھوندو. برف جي مٿاڇري ڪري ھي زندگيء لاء ناقابل آھي پر ڪجهه ماھرن جو چوڻ آھي ته برف جي ھيٺ سمنڊن ۾ زندگي ٿي سگھي ٿي.
گينيميڊ 7.15 زميني ڏينھن ۾ پنھنجو ھڪ چڪر پنھنجي گرھ مشتري Jupiter جو ھڻي ٿو. 1996ء ۾ خلادانن ھبل ٽيلي اسڪوپ کي استعمال ڪندي ھي دعوا ڪيائون ته ھن کي بلڪل سنھي تھ جي آڪسيجن جو وايو منڊل آھي.
گينيميڊ اھو اڪيلو چنڊ آھي جنھن کي پنھنجي مقناطيسي ميدان آھي.
ڪيئي خلائي مشن مشتري ڏانھن موڪليا ويا انھن ۾ 1973ء پھريون مشن Pioneer10 ھو. ھن کان پوء 1974ء ۾ Pioneer11 ھڪ ٻئي پٺيان Voyager1 ۽ Voyager2 ويا ۽ مشتري سان گڏ گينيميڊ جي عڪس بندي پڻ ڪيائون. گليليو خلائي مشن ته بلڪل ھن جي ويجھي 261 ڪلو ميٽرن کان گذريو.
2022ء ۾ يورپي خلائي ايجنسي جي مدد سان روس پنھنجو Gaynemede Lander گينيميڊ جي مٿاڇري تي لاھيندو. اميد ٿا ڪيون ته اسان کي گينيميڊ جي باري ۾ ڪارائتي ڄاڻ ملي سگھندي.
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو