گونٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گونٽو گل قد جو ننڍو آهي. هن کي هندستانيءَ ۾ گينڊا ۽ انگريزيءَ ۾ ميري گولڊ چوندا آهن. هي تمام سهڻو زرد رنگ جو ٿيندو آهي. منجهس بوءِ به چڱي ٿيندي آهي. هن جا به گهڻا ئي قسم آهن. ڪي ته قد جا وڏا ۽ ڳتيل ٿيندا آهن. ٻج آگسٽ ۾ پوکبو آهي ۽ گل سڄي سياري ۾ رهندا آهن.

هن جي ولايتي نمونن جا جدا جدا نالا آهن. نج گونٽو آفريڪن، يعني آفريڪا جو ميري گولڊ ليکيل آهي. يا چيني يا جرمن آسٽر آهن. ڪي وري زِنپا سڏبا آهن، جن جي رنگن جا چار پنج جدا جدا قسم آهن. ڪي گول تڪمن وانگي، ڪي ڄاهي وانگي ڪنڊن سان، ڪي ننڍي گلدستي وانگي ۽ ڪي ڊگها سُئيءَ وانگي ٿيندا آهن، جنهن ڪري نالا به اهڙا مليل اٿن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو