گوشت واري ڊبل روٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آمريڪي کاڌي جو قسم ، گوشت جي ڊبل روٽي جيڪا ٽماٽي جي چٽڻي ۽ اجمود (parsely) جي پنن سان سينگاري کاڌي ويندي آهي


گوشت واري ڊبل روٽي:(انگريزي: Meatloaf ) ھڪ کاڌي جو قسم آھي جيڪو ننڍي گوشت يا وڏي گوشت جو قيمو ٺاھي ان ۾ مختلف مصالحہ يا جزا ملائي ڳوھي ان کي ڊبل روٽي جو روپ ڏئي گوشت جو ٻوٽو ٺاھي ان کي پچائبو آھي.[1]

چيڪ ريپبلڪ ۾ ان کي سيڪانا چوندا آهن

ان ۾ ڳائو، ماھيو، ٻاڪرو، ريڍو، ھرڻ ، ڪڪڙ ۽ مڇين وغيره جو گوشت استعمال ٿيندو آهي، غير مسلم سوئر جو گوشت پڻ استعمال ڪندا آهن. پچڻ بعد ان کي چاقو سان ڊبل روٽي وانگر ڪٽي ان جون گرم ڦاڪون کاڌيون وينديون آهن ڇو ته ٺرڻ کان پوء ان جو گوشت سخت ٿي ويندو آهي. ترڪي ۾ ان کي ڀاڄي طور استعمال ڪندي چانورن سان کاڌو ويندو آهي ۽ ان جو نالو داليان قوفتو آھي


ترڪي م کاڌو ويندڙ داليان قوفتو جيڪو چانورن ۽ سلاد سان کائجي ٿو

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. Zeldes, Leah A. "Eat this! Meatloaf, easy comfort". Dining Chicago. Chicago's Restaurant & Entertainment Guide, Inc. وقت 2011-10-11 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-08-03.