گوز بيري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گوُز بيري هي انگريزي ميوو آهي. اگرچ هندستان جي ٽڪرن ۾ جهڙوڪ شملا ۾، هن جي پوکڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن، تڏهن به هي برابر نه ٿو ٿئي. ضروري آهي ته انگلينڊ مان ڪي چڪيون يا پاڙن وارا قلم گهرائجن. هن کي هندستاني ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪارائنڊا سڏيندا آهن.هن جو هڪڙو قسم نيلگري واري جبل جي جهنگلن ۾ گهڻو ٿيندو آهي. اُن جي ڳر مربي يا جيليءَ ۾ ڪم آڻيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو