گورمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد بچل ڀاڻپوٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گ.ب.پ اسڪول محمد بچل ڀاڻپوٽو يونين ڪائونسل ميان نور محمد جا قبا(اڳوڻي يو سي کڙ) ۾ موجود آھي، ھي اسڪول ڳوٺ جي فقير صفت ماڻھوءَ جي نالي تي ٺھيل آھي ۽ ڳوٺ جو نالو بہ ساڳيو آھي محمد بچل ڀاڻپوٽو.

ھي اسڪول 1992 ع ۾ منظور ٿيو ۽ اڄ تائين عمارت ڪون ملي اٿس ھن اسڪول ۾ گھڻا معزز ۽ تر جا معتبر ۽ مان وارا استاد پڙھائي ويا آھن، ڪجهه سال اڳ ھي اسڪول بند ٿي ويو ھو لڳ ڀڳ 9 سال استاد نہ ھو ۽ ڪاغذن۾ اسڪول کليل ھئو ، پوءِ 2015 ۾ نيشنل ٽيسٽنگ سروس ذريعي ڪميشن پاس استادن جي ڀرتي ٿي ان کيپ منجھان استاد ھن اسڪول ۾ موڪليا ويا، انھن استادن اسڪول جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو آھي ھيل  تائين اسڪول تر ۾ سڀ کان وڌيڪ سٺي ڪارڪردگيءَ وارو اسڪول آھي، ٻار ڏاڍي چاھ سان پڙھي رھيا آھن ۽ استاد محنت ۽ سچائيءَ سان پنھنجو فرض نڀائي رھيو آھي