مواد ڏانھن هلو

گوئگول نيشنل پارڪ

Göygöl National Park
Göygöl Milli Parkı
مقامگوئگول ضلعو
جاگرافيائي بيھڪ40°24′21″N 46°19′21″E / 40.40583°N 46.32250°E / 40.40583; 46.32250
پکيڙ12,755 ھيڪٽرs (127.55 چورس ڪلوميٽر)
گورننگ باڊيآذربائيجان
ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن جي وزارت
نامزد/مقرراپريل 1, 2008
گوئگول نيشنل پارڪ is located in آذربائيجان
گوئگول نيشنل پارڪ
Göygöl National Park
Göygöl Milli Parkı جي آذربائيجان ۾ جڳهه

```0 گوگيل نيشنل پارڪ (انگريزي ٻولي: Göygöl National Park) آذربائيجان جو هڪ قومي پارڪ آهي. اهو 1 اپريل 2008 ۾ اڳوڻي گوئيگول ضلعو انتظاميه جي هڪ علائقي 1 اپريل، 2008 ۾ قائم ڪيو ويو هو جيڪو 1925 ۾ قائم ٿيل اڳوڻي "گوئيگول اسٽيٽ ريزرو" جي بنياد تي قائم ڪيو ويو هيو، جيڪا 1925 ۾ قائم ٿي هئي، ۽ جنهن ان کي ختم ڪري ڇڏيو هيو، ان جي پکيڙ 12،755 هيڪٽرن (127.55 اسڪوائر ڪلوميٽر) جي ايراضي تي پکڙيل آهي. ان پارڪ کي اڳوڻي رياست جي 6،739 هيڪٽرن (67.39 اسڪوائر ڪلوميٽر) ايراضي سان ۽ موجوده پارڪ واري مٿاڇري ڏانهن نيشنل پارڪ جي طور تي وڌايو ويو.

ان نينشل پارڪ ۾ آذربائيجان جي سڀ کان وڌيڪ شفاف ۽ سهڻي گيگول ڍنڍ شامل آهي. ان ريزرو جو مقصد ليسر قفقاز (ڪوهه ڪاف) جي اترئين لاهي (گهير) جي سبليپائن زون جي قدرتي ماحولياتي سرشتو (ايڪو سسٽم) جو بچاءُ ڪرڻ آهي. ان کي سندس ريزروِ حيثيت کان محروم ڪيو ويو هيو، پر پوءِ ان حيثيت کي بحال ڪيو ويو هيو.[1]

فلورا ۽ فانا

[سنواريو]

ٻوٽا (فلورا)

[سنواريو]
Forest in Göygöl National Park

گوئيگول جو علائقو لڳ ڀڳ سڄو ٻيلن (جهنگ) سان ڍڪيل آهي، ۽ اتي 420 کان مٿي ٻوٽن جي پرجاتي (اسپيشيز) موجود آهي، جنهن ۾ 20 ڏيهي ٻوٽا پڻ شامل آهن.

جهنگلي جانور (فانا)

[سنواريو]
Horses in Göygöl National Park

هتي پکين جون ڪيتريون ئي ڏيهي پرجاتيون (جنسون، اسپيشيز) آهن، جن ۾ ڏاڙهي وارو ڳِجهه پکي (Gypaetus barbatus)، مصري ڳِجهه پکي (Neophron percnopterus)، يوروشين باز (پرمار) ڄٻرو (Bubo bubo)، ڪارو ڪاٺَ ڪُٽو (Dryocopus martius)، سونهري پيِلڪ پکي (Oriolus oriolus)، مسٽل ٿروس (Turdus viscivorus)، اسٽاڪ ڊئو (ڪبوتر، ڳيرو، ڪولمبا اويناس Columba oenas)، يوروشين ووڊڪوڪ (اڇو ٽيٽو، اسڪولوپڪس روسٽولا Scolopax rusticola)، ووڊرلارڪ (لولولا آربورا Lullula arborea)، گونگو راج هنس پکي (سيگنس اولور Cygnus olor)، عام ٻٽيرو (Coturnix coturnix)، ڪئسپين ٽاٽئيموس (پوائلي هيرڪنيس Poecile hyrcanus) ٽٽموائوس جو ذيلي پرجاتي؛ قفقاز جي گهگهه (چڪور، تتر، ڪيڪ Phasianus colchicus colchicus) عام چڪور يا تتر پکي جي ذيلي پرجاتي يا نسل جا پکي شامل آهن.

فلموگرافي

[سنواريو]

هڪ دستاويزي فلم ”گيگول ملي پارڪ“ (گوئگول نيشنل پارڪ) جي عنوان سان 2015 ۾ هتي فلمائي وئي. اها فلم باڪو جي نظامي سينيما سينٽر ۾ پيش ڪئي وئي هئي هئي. ان فلم جي پيشڪش ۾ حيدر عليئيف فائونڊيشن جي نائب صدر ليليٰ عليئيف شريڪ ٿي هئي.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

گوئگول نيشنل پارڪ سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

حوالا

[سنواريو]