گهڻ پسنديءَ جو نظريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

شراڪتي سرشتو، ڪثرت جو نظريو، گهڻ پسندي يا پلُورلزم (Pluralism) اصل ۾ انگريز ڏاهي ‘جان لاڪ’ جي سوچن مان ڦُٽي نڪتل هڪ آزاد خيال نظريو آھي، جنهن موجب ملڪي سياسي نظام يا بين الاقوامي سرشتو ڪنهن هڪ ڌُر يا طاقت جا محتاج نه پر گهڻن ڌُرين/ مُحرڪن تي ٻڌل هوندا آهن. هي نظريو بنيادي طور هيٺين چئن جُزن تي ٻڌل آهي.

(1). مُلڪي توڙي ڏيھان ڏيھ (بين الاقوامي) معاملن ۾ ‘غير رياست ڌُرين’ جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

(2). رياست يا طاقت جو تصور ساڪت جامد نه پرلاڳاپيل مختلف ڌُرين/ شُعبن ۽ حلقن جي شموليت ۽ ڀائيواريءَ سان مقابلي ، هم آهنگي ، ڏي وٺُ ذريعي جُڙي ٿو، تنهنڪري رياست يا طاقت طرفان ٿيندڙ فيصلن ۾ سڀني واسطيدار پرتن (Stake-holders)جي شراڪت ضروري آهي.

(3). رياست ۽ ڏيھان ڏيھي (بين الاقوامي) سرشتي جي منجھيل (پيچيده) هنڻ ۽ گهڻين ڌُرين جي ورهايل/ الڳ الڳ ترجيحن سبب لازمي نه آهي ته سندن طرفان ٿيندڙ سڀ فيصلا جائز يا عقلمنديءَ ڀريا هجن.

(4). رياستي يا ڏيھان ڏيھي ترجيحن ۾ قومي ۽ جاگرافيائي سلامتيءَ واري نُڪتي سان گڏ معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي مامرن کي به جوڳي اهميت ملڻ کپي.

اڄوڪي دور ۾ هن نظريي جي پرچار ۾ ‘جوزف ناءِ’ Joseph Nye ۽ ‘رابرٽ ڪيهان’ (Robert Keohane) جي لکڻين کي وڏي اهميت مليل آهي. [1]

حوالا[سنواريو]