گهٽ اُسريل مُلڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گهٽ اُسريل مُلڪ يا ليس ڊيولپڊ ڪنٽريز (Less Developed Countries) يا (LDCs) يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ اقتصادي طور پٺتي پيل ملڪن کي چيو وڃي ٿو. اهي ملڪ خاص طور آفريقا، ايشيا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي کنڊن ۾ اچي وڃن ٿا. ”گهٽ اُسريل مُلڪ“ گهڻو ڪري پاڻ امداد ڏيڻ بدران ٻاهران ايندڙ امداد تي ڀاڙين ٿا. هنن ملڪن جي سُڃاڻپ:

  • گهٽ في ڪس آمدني
  • ايڪسپورٽ جي هيٺاهين سطح
  • عالمي مالياتي نظام ۾ غير اهم ڀاڱيدار
  • جديد صنعتي ، مالي ۽ قانوني ادارن جي اڻ-هوند
  • پرڏيهي قرضن ۽ ناڻي جي پکيڙ وارن نُڪتن منجهان طئي ڪئي ويندي آهي.

اهي ملڪ ترقيءَ جي رفتار ۾ پوئتي هجڻ سبب سياسي حوالي سان به سگهارن ملڪن جا محتاج ۽ ڳيجهو هوندا آهن. ان پستيءَ ۾ هجڻ ڪري گهٽ اسريل ملڪن جي باشندن جي زندگيءَ جي معيار ۽ تعليم ۽ صحت سميت ٻين شعبن جي ڪارڪردگي ڳڻتيءَ جوڳي هوندي آهي. [1]

حوالا[سنواريو]