گهوٽالي کي مُنهن ڏيڻ جو هُنر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گهوٽالي کي مُنهن ڏيڻ جو هُنر (Ghottaalay kkhy muhun ddhiyann jo Hunur) يا ڪرائسز مئنيجمينٽ (Crisis Management) هڪ حڪمت عملي جو نالو آهي، جنهن ذريعي ڪا به تنظيم (حڪومت سميت) کيس، سندس شعبن/مفادن، ساڻس لاڳاپيل يا عام ماڻهن لاءِ نقصان جو ڪارڻ بڻجندڙ واقعن/معاملن کي منهن ڏيڻ جي رٿابندي ڪندي آهي. ڪنهن به اداري کي درپيش بحران ٽن صورتن ۾ سامهون ايندا آهن. (الف): جڏهن تنظيم جي مفادن کي للڪار ملي، (ب): اميدن جي خلاف ڪو واقعو ٿئي ۽ (ج): ڪنهن اهم معاملي جي حل لاءِ وقت تمام گهٽ هجي. نامياري ڇيد- ڪارVenette S.J جي خيال ۾ ” گهوٽالو اصل ۾ نوَن مامرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت وڃائي چُڪل ڪنهن به پراڻي سرشتي جي ناڪاميءَ جو اعلان آهي.“ اهڙي صورت ۾ تبديلي ئي اهو اڪيلو عنصر آهي، جنهن ذريعي پراڻ جي جاءِ تي نواڻ کي موقعو ڏيندي، مليل چُنوتيءَ (Challenge) کي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. ان حقيقت کان انڪار جي صورت ۾ ناڪامي اڻٽر ٿي وڃي ٿي . Crisis Management اصل ۾ هڪ اهڙو ضابطو آهي ، جنهن ذريعي گهربل صلاحيتون ۽ ڏانءَ ڪتب آڻيندي، آڏو آيل صورتحال کي سُڃاڻڻ، سمجھڻ ۽ منهن ڏيڻ جي رٿابندي ڪئي وڃي ٿي. اهو مرحلو مسئلي جي پيدا ٿيڻ کان وٺي حل ٿيڻ تائين جاري رهي ٿو. ان سموري مرحلي کي ”گهوٽالي کي منهن ڏيڻ جي رٿا(Crisis Management Plan) چيو وڃي ٿو، جيڪو واقعي جي حيثيت ۽ شدت کي سامهون رکندي ترتيب ڏنو وڃي ٿو . گهوٽالي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ڪنهن به تنظيم جي ساک ۽ مڃتا لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي ۽ بين الاقوامي ماحول ۾ سندس مرتبو طئي ڪرڻ ۾ اهم محرڪ ڳڻجي ٿي. ان ڪري ڪنهن به حڪومت جي خوبين ۾ اها صلاحيت سڀ کان وڏو درجو رکي ٿي، ڇاڪاڻ جو عالمي سطح تي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ويساهه نه ڪرڻ جوڳا ايندڙ بُحران گُهر ڪن ٿا، ته هر حڪومت ۾ مناسب ۽ وقتائتو فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت هجڻ کپي، جنهن سان اُها گهوٽالن جي زور ۽ غير يقيني گهٽائڻ ۽ انهن جي خاتمي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي.[1]

حوالا[سنواريو]