گل مخمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گل مخمل (تڪمون) کي انگريزيءَ ۾ آمرنٿ يا گلوب آمرنٿ چوندا آهن. هي تمام عمدو ۽ يڪ – سالو گل آهي. سانوڻيءَ جي سڄيءَ موسم ۾ تڪمن وانگي گول گل جهلي ٿو، جي واڱڻائي، نارنگيءَ ۽ اڇي رنگ جا ٿين ٿا. ٻج جون ۾ پوکبو آهي. ڪن گلن ۾ وري ڳاڙها ڳاڙها داغ ٿيندا آهن. ڪن جا گل قرمزيءَ ڏانڊين ۾ پڇ وانگي لڙڪي بيهندا آهن. هڪڙو قسم ته ٽي فوٽ وڏو ٿيندو آهي، يعني ڪلنگيءَ وانگي. پن چمڪندڙ ۽ ڳوڙها ڳاڙها ٿيندا اٿس.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو