گل عباسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

گل عباس (عباسي) مشهور گل آهي. هن جو وڻ ننڍو ٿو ٿئي. هميشھ گل ڪندو آهي. گل موچارا ۽ وڏا اٿس. ڪي ٻيلا، ڪي ڳاڙها، ڪي ڳاڙها پيلن ليڪن يا دٻڪن سان، ڪي اڌ پيلا ۽ اڌ ڳاڙها. ڪڏهن ته ساڳئي، يعني هڪ ئي وڻ ۾ گهڻن رنگن جا گل ٿين ٿا. ٻج ڪارن مرچن جهڙو ججهو ڪندو آهي. پنهنجي ڇڻيل ٻج مان پاڻهئي ڦٽندو آهي. هڪڙو قسم هن جو اڇا گل ڪندو آهي،جنهن ۾ هڪڙي نلي چار پنج انچ ڊگهي ٿيندي آهي. انهيءَ مان نارنگيءَ جي گلن جهڙي بوءِ نڪرندي آهي، انهيءَ کي خوشبودار عباسي چئي سگهجي ٿو. هن گل کي انگريزيءَ ۾ مارو هِل آف پيرو چوندا آهن، جو اصل پيرو جو آهي. ڪتابي نالو مِرابلِس اٿس. آمريڪا ۾ رواجي نالو فور او ڪلاڪ (يعني چار بجا) اٿس، ۽ ساڳيءَ طرح دکن ۽ ٻين هنڌن ۾ به هن کي چار وڳي جو نالو مليل آهي، ڇالاءِ جو اڪثر شام جو چئين وڳي نوان گل جهليندو يا کوليندو آهي.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. عباسي، ف. گلمول، هه. وغيره___ عباسي ۽ نارکيوا.
اثر: گرم خشڪ 2، نقصان: مقعد کي، ميل: ___-، عيوض: رتن جوت، وزن: گل ٽن کان پنج ماسا.
سڃاڻپ: ننڍو ٻوٽو گلڪاريءَ جو باغن ۾ پيدا ٿيندو آهي. هن جو گل اڇي، ڳاڙهي ۽ هيڊي رنگ تي ٿيندو آهي. هن جو ٻج مرچن جي داڻن وانگر ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو.
خاصيت: هن جون پاڙون ۽ پن ڪاڙهي پياربا ته دمڪشيءَ کنگهه، گهاٽي بلغم کي تحليل ڪرڻ، سيني ۽ ڦڦڙن مان بلغم کي پچائي ڪڍڻ لاءِ مفيد ثابت ٿيندو. هن جو ٻج پراڻي پرميل، مثاني، گردي جي ڦٽ، وائي بادي کي تحليل ڪرڻ ۽ پيشاب ۽ حيض کي جاري ڪرڻ لاءِ مجرب آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو